!!مهاڻن 20فٽ جي شارڪ پڪڙي ماري ڇڏي

0
159
مهاڻن 20فٽ جي شارڪ پڪڙي ماري ڇڏي!!
مهاڻن 20فٽ جي شارڪ پڪڙي ماري ڇڏي!!

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) ڪراچي جي سامونڊي علائقي ابراهيم حيدري جا مهاڻا ڪالهه معمول موجب مڇي جي شڪار تي هوڙا ڪاهي نڪتا هئا، کين 2 کان 3 ڪلو جي وچ ۾ وزن واري مڇي هٿ اچڻ جي اميد هئي

مهاڻن جڏهن سمنڊ ۾ اڇليل ڄار پئي ڪڍي ته کين معمول کان وڌيڪ وزن محسوس ٿيو، پر جڏهن ڄار کي هوڙي تي آندائون ته شارڪ مڇي ڏسي سڀ حيران ٿي ويا

ابراهيم حيدري سان واسطو رکندڙ  مهاڻن شارڪ جي وڊيو  سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته قانون اُن جي ابتڙ آهي

مهاڻن 20فٽ جي شارڪ فش فيڪٽري کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اُن کان اڳ مئل شارڪ سان ٻارن کي کيڏڻ واري وڊوي به وائرل ٿي هئي

شارڪ مڇي جو شڪار غير قانوني آهي: مهراڻ شاهه

پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه ٻڌايو ته شارڪ مڇي جو شڪار غير قانوني آهي پر قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب مهاڻا اُن جو شڪار ڪندا رهندا آهن

هن ٻڌايو ته فشريز ڊپارٽمينٽ جو ڪم آهي ته ناياب نسل جي مڇي کي شڪار ٿيڻ کان بچائي ۽ جيڪڏهن ڪا شارڪ ڄار ۾ ڦاسي ٿي ته اُن کي بچائي سمنڊ ۾ واپس ڇڏي

ھي وڊيو بھ ڏسندا