پي سي بي طرفان سنڌ ۾ فيبروري ۾ اسڪول ليگ ڪرائڻ جو فيصلو

0
715
پي سي بي طرفان سنڌ

ڪراچي (اسپورٽ نيوز) پي سي بي پاران فيبروري ۾ سنڌ ۾ اسڪول ليگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت ۽ پي سي جي گڏيل سهڪار سان صوبي ۾ اسڪول سطح تي ڪرڪيٽ ليگ ٿيندي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن عمران حسين، پي سي بي ڊائريڪٽر ۽ ٻين شرڪت ڪئي

پي سي بي اختيارين چيو ته اسڪول ليگ ۾ 30ضلعن ۾ 239 مئچز کيڏيون وينديون، اسڪول سطح جون 240 ٽيمون ۽ 3850 رانديگر کيڏندا، چيف سيڪريٽري سنڌ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پي سي بي کي مڪمل سهولتون فراهم ڪندي.