پيرو لاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري ويجھو ڳوٺ گهڙو جا رهواسي چورين جي آزار جي خلاف پريس ڪلب پھچي ويا. چورن ستايل ڳوٺاڻن نورمحمد ترڪ، سندس هاري محمد عظيم ۽ اسلم خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ گهڙو ۾ گذريل رات ٻن نامعلوم چورن گهر ۾ گهڙي ڍڳا ڇوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪتن جي ڀونڪڻ تي سجاڳ ٿياسين ته چور ڍڳا ڇڏي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا. هنن دانهيندي چيو ته چورين جي آزار سبب راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن ايس ايس پي بدين ۽ ايس ايچ او ڪڙيو گهنور کان مطالبو ڪيو ته چورين تي ضابطو آڻي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.