ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۾ پاڪستان ڪولهي اتحاد تعلقي گولاڙچي جي عهديدارن پاران پاڪستان ڪولهي اتحاد جي ٻِي سالگره ملهائي وئي، ان موقعي تي ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. سالگره تقريب کي خطاب ڪندي مولچند راجاڻي، رميش ڪمار راجاڻي، بالمچند راٺوڙ، ڪيلاش ڪمار، رتنو مل چوهاڻ، ڍالو ساگر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هندو نياڻين کي زوري اغوا ڪري زوري مذهب تبديل ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. اهڙيون ناانصافيون فوري طور ختم ٿيڻ گهرجن. هنن جو وڌيڪ چيو ته ” پنهنجي اخبار“ اقليت جي هر مئسلي کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آهي.