پيءُ به پُٽ کان هر هر ناراض ٿئي، ته پُٽ به گهر ڇڏي ويندو آهي: پير پاڳارا

0
180
پيءُ به پُٽ کان هر هر ناراض ٿئي، ته پُٽ به گهر ڇڏي ويندو آهي: پير پاڳارا
پيءُ به پُٽ کان هر هر ناراض ٿئي، ته پُٽ به گهر ڇڏي ويندو آهي: پير پاڳارا

ڪراچي: جي ڊي اي سربراهه پير پاڳارا چونڊ نتيجن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيءُ به پُٽ کان هر هر ناراض ٿئي، ته پُٽ به گهر ڇڏي ويندو آهي

جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته 15 سالن جي بدترين ڪرپشن باوجود پيپلزپارٽي سموري سنڌ ۾ سوئيپ ڪيو آهي

هن چيو ته اسان 2 سيٽون رکي فوج کي ناراض نٿا ڪرڻ گهرون، اهي 2 سيٽون به ڇڏيون ٿا، وڃي پيپلز پارٽي کي ڏيو

هن چيو ته مونکي ڪجهه مهينا اڳ هڪ دوست اچي چيو ته جي ڊي اي ختم ڪريان، اُن جي اڳيان ٻُڙي لکيل آهي، ايم ڪيو ايم جو پ پ سان جهيڙو ناهي، انڪري متحده جي خاني اڳيان 15 پلس سيٽون لکيل آهن

پير پاڳارا چيو ته اهو آر اوز جي وس جي ڳالهه نه آهي، 2 کان 3 مهينا اڳ ئي طئه ٿي چڪو هو، هي رياست خلاف چونڊون آهن

جي ڊي اي چونڊ نتيجن کي رد ڪري ٿي، جي ڊي اي پاران چونڊ نتيجن خلاف 16 فيبروري تي حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي

چونڊن ۾ کٽيل 2 سيٽون ڇڏڻ ۽ ايم پي ايز جي حلف برادري جي ڏينهن به سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي