پشاور (م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف ڌماڪي بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور پهتو، وزيراعظم آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻين سان گڏ ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪري زخمين جي عيادت ڪئي، وزيراعظم جي پشاور پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور صورتحال تي بريفنگ ڏني، آءِ جي ڪي پي ڪي ڌماڪي بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي پوليس لائنز ۾ آپگهاتي حملي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به ڏيکاريا ويا، وزيراعظم شهبازشريف جو پشاور ڌماڪي تي آءِ جي ڪي پي ڪي کان سخت پڇاڻو، وزيراعظم سوال ڪيو ته پولس لائنز ۾ داخلا جو هڪ ئي گيٽ آهي، حملو ڪندڙ ڪٿان آيو؟ آءِ جي معظم جان انصاري جواب ڏيندي چيو ته مونکي ڪهڙي خبر ته ڪٿان آيو ۽ ڪيئن داخل ٿي ويو، پوليس لائنز ۾ ته فيملي ڪوارٽرز به آهن، ٿي سگهي ٿو ته حملو ڪندڙ اڳ ئي اتي رهندڙ هجي، جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ حملو ڪندڙ ڪيئن داخل ٿيو. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي هڪ بيان ۾ پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته الله جي گهر ۾ سجدي هيٺ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي خلاف آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو اسلام سان ڪوبه واسطو ناهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان جي خلاف جنگ ڪرڻ  وارن جو ناءُ نشان مٽائي ڇڏينداسين ۽ ناحق شهرين جو رت وهائڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا هڪ ۽ متحد آهن، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي.