لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته منهنجون دعائون ۽ همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن. هن چيو ته  دهشتگردي جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ لازمي آهي ته اسين پنهنجي انٽيليجنس ۾ بهتري آڻيون، پوليس کي مناسب انداز ۾ ضروري سامان سان ليس ڪريون.