پنگريو (ن پ ا)  پنگريو ڀرسان ڳوٺ صديق ڳاھو سيف پبلڪ تي حملي کي 17ڏينھن گذري ويا اسڪول کلي نه سگھيو  جنھن ڪري اسڪول جي 267 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم بحال نه ٿي سگھي  آهي، جنھنڪري شاگرد ۽ والدين سخت پريشان ھن. انھي سلسلي ۾ اسڪول جو ھيڊ ماسٽر علي حسن ڳاھو جيڪو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد پندرھن ڏينھن حيدرآباد صحت مرڪز ۾ رھڻ بعد ڳوٺ پھچڻ کانپوء پنھنجي اخبار  اڳيان دانھيندي چيو ته اسان انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آھن پر پوليس رھيل جوابدار گرفتار نٿي ڪري جنھن ڪري اسڪول نه پيو کلي سگھي ھوڏانھن سيف ڊيويزنل آفيسر ظفرعلي پنھنجي اخبار پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته  13 مان پوليس  صرف 3جوابدارگرفتار ڪيا آھن باقي آزاد پيا گھمن جنھن ڪري سيڪيورٽي ٿريڊ آھن انھي ڪري اسڪول نه پيا کوليون پوليس کي ليٽر لکيو آهي ڪمشنر حيدرآباد سان اڄ به رابطو ڪيو آهي چون ٿا پوليس ڏيون  اوھان اسڪول ھلايو پر اسان مناسب نٿا سمجھون ته ٻار پوليس جي پھري ھيٺ پڙھن جيستائين جوابدارن جي مڪمل گرفتاري عمل ۾ نٿي اچي  ۽ آزاد  گھمندا وتن اسڪول نه کولينداسين  ھوڏانھن ايس ايڇ او پنگريو رابطي تي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدار جلد گرفتار ڪنداسين اسڪول سيف وارا کولين ٿا ته کين سيڪيورٽي ڏيڻ لاء تيار آھيون