ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي چڙيا گھر  جي هلڻ ڦرڻ کان لاچار هاٿڻ ملڪه نور جھان  جو فورپاز انٽرنيشنل جي 7 رڪني ٽيم معائنو ڪرڻ بعد  گورنر سنڌ جي موجودگيءَ ۾ ڪامياب آپريشن ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي  چڙيا گهر ۾ طبي ماهرن تي مشتمل فورپاز انٽرنيشنل جي 7 رڪني ٽيم بيمار هاٿڻ ملڪه نورجهان جو معائنو ڪرڻ لاءِ پهتي، ٽيم ۾ جرمني، آسٽريا،مصر  سميت مختلف ملڪن جا ماهر شامل هئا، هاٿيءَ جو معائنو ڪري ايڪسري ۽ ٽيسٽون ڪرڻ بعد گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ۽ ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر سيف الرحمان جي موجودگي ۾ آپريشن جاري ڪيو ويو، فورپاز جي مصر جي ميمبر ڊاڪٽر عامر خليل جو چوڻ هو ته هاٿڻ جي صحتيابي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هاٿڻ کي ڪرين جي مدد سان اٿاريو ويو آهي، جيڪڏهن کيس ليٽايو ويو ته سندس ٻيهر اٿڻ مشڪل آھي، انتظاميه جي مڪمل سهڪار سان سندس علاج ڪيو پيو وڃي، انٽرنيشنل ماهرن جي ٽيم جي اچڻ  وقت ڊائريڪٽر زو خالد غائب رهيو،  جنهن تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڊائريڪٽر چڙيا خالد هاشمي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪي ايم سي انتظاميه جو چوڻ هو ته چڙيا گھر جي ڊائريڪٽر جي غير ذميواراڻي رويي سبب جانورن جي صحت کي سخت خطرو آهي، ذريعن موجب ڊائريڪٽر جي نااهلي سبب ناياب گولڊن ٽائگر سميت ڪيترائي جانور خوراڪ جي کوٽ ۽ نا مناسب سار سنڀال سبب فوت ٿي ويا آهن، ان موقعي تي گورنر  ڪامران ٽسوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاٿڻ جي علاج ۾ ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، آصف زرداري فون ڪري چيو آهي ته سندس علاج ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، سنڌ حڪومت اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ، هن وڌيڪ چيو ته زو ۾ جانورن جي اسپتال ٺاهڻ جي سمري تيار آهي، ملڪه نور جھان کي علاج بعد سفاري پارڪ منتقل ڪيو ويندو، هن چيو ته ڊائريڪٽر جي ڪوتاهي سبب ڪراچي زو ۾ جانورن لاءِ خوراڪ جو مسئلو پيش آيو آھي، ڊائريڪٽر خلاف ڪارروائي  ڪئي ويندي