اڏيرولال(ن پ ا): اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جھولي لال سائين امر اڏيرو لعل صاحب جي پيدائش واري ھنڌ نصرپور درگاھ جي بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو. گيانچند ايسراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نصرپور درگاهه هندو برادري لاءِ مقدس جاءِ آهي. هن چيو ته نصرپور درگاه لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 30 ملين روپين جي اسڪيم شامل ڪئي ويندي. اقليتي معاملن واري کاتي پاران سائين امر اڏيرو  لال درگاھ تي 30 ملين رپين جي لاڳت سان مختلف ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح ڪيو، جنھن ۾ درگاه جي اندرين ۽ ٻاهرين حصي ۾ پيور بلاڪ جو ڪم، زائرين لاءِ 2 هال، چئني پاسن ديوارن جي ٽائلس جو ڪم شامل آھي. صوبائي وزير اعلان ڪيو ته درگاه لاءِ 50 ڪي وي سولر سسٽم جي اسڪيم جي به منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تي مرحليوار ڪم شروع ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته پ پ پ کانسواءِ ملڪ ۾ اقليتي برادري جي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ ڪابہ سياسي پارٽي ناھي، هن چيو ته اقليتي برادري جي خدمت اسان جي لاءِ عبادت آھي.