پنگريو ۾ برسات بعد ڦٽي جي اگهه ۾ لاٿ، آبادگار پريشان

0
253

پنگريو (ن پ ا) پنگريو جي زرعي مارڪيٽ ۾ برساتن کان اڳ  ڦٽي جو في مڻ اگھه 6200 رپيا ھلي رھيو ھو، جڏھن  ته برساتن بعد خراب جنس جو جواز ڄاڻائي واپارين في مڻ تي 2 ھزار رپين جي ڪٽوتي ڪندي اگھه 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، ان حوالي سان آبادگارن شوڪت علي راجپوت، طارق بشير ڪمبوهه، قائم علي کوسو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  واپارين برسات جو جواز ڄاڻائي ڦٽي جي في مڻ تي 4کان5 ڪلو ڪٽوتي ڪري رھيا آھن ۽  2ھزار کان 22سؤ تائين اگھه گھٽائي  لکين رپين جو نقصان ڏئي رھيا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واپارين خلاف ڪارروائي ڪري نقصان کان بچايو وڃي، ٻي طرف  واپارين نريش ڪمار،خالد آرئين ٻڌايو ته فيڪٽري وارن اگھه گھٽايو آھي، جنھن ڪري مقامي واپارين به اگھه گھٽائي ڇڏيو آھي.