ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڏوهارين سان مقابلي دوران شهيد ٿيل اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو جي شهادت کي هڪ سال مڪمل  ٿي ويو. ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي جي ميمبر ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور امجد شيخ ٺل پهچي شهيد اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو جي گهر واري آمنا خاتون سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا.  هڪ ڪلاڪ تائين امجد شيخ بند ڪمري ۾ شهيد جي گهر واري توڙي پٽن سان ڪچهري ڪئي.ان موقعي تي ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور امجد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو جي گهرواري جي شڪايت توڙي جاءِ واقعي تي ماڻهن جا بيانن قلمبند ڪيا آهن،  ڏوهارين سان مقابلي دوران شهيد اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو سانجيڪي اهلڪار گڏ هئا انهن جي غفلط ظاهر ٿي آهي، هن چيو شهيد اي ايس آءِ جي ڏوهارين سان مقابلي جي جانچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي آءِ جي سنڌ ڏانهن اماڻي ويندي. شهيد اي ايس آءِ عبدالرزاق گولو جي گهر واري صحافين کي ٻڌايو ته مڙس کي مقابلي دوران سندس ساٿي اهلڪار اڪيلو ڇڏي ويا جيڪو شهيد ٿي ويو، سندس لاش جي تذليل به ڪئي وئي، لاش اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ پوليس موبائل به نه ڏني وئي، مڙهه ريڙهي تي کڻي اسپتال پهچايو. شهيد اي ايس آءِ جي قتل ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار عبدالشڪور سرڪي کي پوليس گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ٻئي جوابدار غلام عباس ڪنراڻي شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گرفتار ڏني هئي.