پنگريو (ن پ ا) پنگريو پوليس جي حد ڳوٺ صاحب خان کوسو ۾ زمين جي تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھيڙي دوران 2 ڄڻا سخت زخمي. پنگريو لڳ ديھه واڳڍئي جي ڳوٺ صاحب خان کوسو ۾ زمين جي تڪرار تان صاحب خان ۽ ميرحسن کوسو جي ڌرين ۾ جھڙو ٿي پيو. لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ميرحسن ۽ عابد کوسو سخت زخمي ٿي پيا جن کي صحت مرڪز پنگريو مان ابتدائي طبي امداد بعد انڊس اسپتال بدين نيو ويو آهي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.