ميرپورماٿيلو ( ن پ ا ) سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪبر مھر ۾ ڏيرن طرفان ڪارنھن الزام ڏئي عورت کي مبينا طور قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بختاور کوسو پٽ کي ساڻ ڪري ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 3 سال اڳ راڻو مھر سان شادي ٿي، ڏير غفار مھر ۽ ٻيا تشدد ڪندا ھئا، مڙس کين روڪيندو ھو، جنھن کي پڻ 3 ڏينھن اڳ ڏيرن گم ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته ڪا خبر ناھي مڙس ڪٿي آھي ڏيرن طرفان ڪوڙو ڪارنھن الزام ھڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بچائي ھتي پھتي آھيان.تحفظ فراھم ڪيو وڃي.