ڪورونا آءِ پي ايل تائين پهتو، اڄوڪي ميچ ڪينسل

0
372

بينگلور (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ ڪورونا جي ڦهلاءَ ۽ رانديگرن جي ٽيسٽ مثبت اچڻ تي اڄ ڪلڪتي ۽ بينگلور جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ڪينسل ڪئي وئي آهي. اڄ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ۽ رائل چيلينجرز بينگلور جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ ميچ کي ري شيڊول ڪيو ويو آهي. معلوم ٿيو آهي ته ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي ٻن رانديگرن ورون چڪرورتي ۽ سنديپ ويرارئر جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي اڄوڪي ميچ ڪينسل ڪئي وئي آهي، جنهن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.