راولپنڊي (م ڊ) پنجاب ۾ چونڊن لاءِ ٽڪيٽن تي نظرثاني ڪرڻ باوجود پي ٽي آءِ سربراهه ڦاسي ويو آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن راولپنڊي ۾ تڪ پي پي 1 تي چوڌري عدنان کان ٽڪيٽ واپس وٺڻ تي احتجاج ڪيو ۽ قيادت تي ڪرپشن جا الزام هڻي ڇڏيا. احتجاج دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري عدنان چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ جو رانديگر گھرجي، لال حويلي جو فقير نه. عارف عباسي عمران خان جو نه لال حويلي جو اميدوار آهي. هن چيو ته عمران خان مون کي ٽڪيٽ ڏني هئي، شيخ رشيد رات جو سازش ڪئي، خبر اٿم ته رات جو ٽيبل تي ويهي ڪير پيسا ورهائيندو آهي. خبر آهي جلسن ۽ ريلين جا پيسا ڪٿان ايندا آهن.