اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ پورهيتن ۽ پگهاردار طبقي تي جيترو ظلم ٿيو اهڙو ملڪي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو، عمران جي دور ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت نوان رڪارڊ قائم ڪيا، پ پ چيئرمين چيو ته پورهيتن ۽ هارين کي اسيمبلين ۾ نمائندگي ڏيارينداسين، پيپلزپارٽي پورهيتن جي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي، ايندڙ چونڊن ۾ عوام مينڊيٽ ڏنو ته سموري ملڪ ۾ پورهيتن جي لاءِ بينظير مزدور ڪارڊ آڻينداسين.