نتاليه(م ڊ)ترڪ صدر رجب طيب اردگان داعش سربراهه ابو الحسين الحسيني القرشي جي مارجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ترڪيا جي انٽيليجنس فورس شام کي اولهندي واري علائقي جنداريس ۾ ڳجهو آپريشن ڪيو جنهن دوران داعش جو سربراهه مارجي ويو. ترڪ صدر رجب طيب اردگان تصديق ڪندي ميڊيا آڏو اعلان ڪيو سندس چوڻ هو ته ترڪيه انٽيليجنس فورس ڳجهي اطلاع تي شام جي اولهندي ۾ آپريشن ڪيو، جنداريس ۾ آپريشن دوران داعش جو سربراهه ابو الحسين الحسيني القرشي مارجي ويو. ترڪ صدر موجب داعش سربراهه جي ڊگهي عرصي کان ڳولا ڪئي پئي وئي جڏهن ته ترڪيا انٽيليجنس سندس پيڇو ڪري رهي هئي. رجب طيب اردگان چيو ته دهشتگرد تنظيمن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي جڏهن ته باغي گروپن خلاف جدوجهد پڻ جاري رهندي. ٻئي طرف داعش طرفان ان حوالي سان ڪابه تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.