پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل تعلقي مان اغوا ٿيل پنج ئي مغوين جا وارث سندن ٻچڙن کان بغير عيد ڪندا ، ميرپورخاص واسي نوجوان عابد اسلم آرائين سميت پنوعاقل تعلقي جي چئن مغوين صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ سميت چونگھا واسي ٽي نوجوان علي رضا ڪلھوڙو ، فرحال ۽ اختيار ڪلھوڙو جا وارث سندن ٻچڙن کان بغير عيد ڪندا، مغوين کي اغوا ٿئي ڏھ ڏينهن کان وڌيڪ گذري وڃڻ باوجود بازيابي عمل ۾ نه اچي سگھي ، مغوين جي وارثن پاران پوليس کان مايوسي ظاھر ڪندي چيو آھي ته پوليس رڳو روز آسرا پئي ڏي، جڏھن ته نوجوانن جو ڪو به پتو نه پئجي سگھيو آھي ھنن مطالبو ڪيو آھي ته جلد نوجوانن کي بازياب ڪرائي گھرن ۾ ڇانيل مايوسي ختم ڪرائي وڃي، ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون .