پنوعاقل/سلطانپور (نمائندن وٽان) پنوعاقل جي ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او پاران حراست ۾ ورتل نينگر جي مبينا اعتراض جوڳي حالت ۾ ويڊيو ڀرڻ ۽ غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش، عدالت پاران ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم، ايس ايچ او الزام رد ڪري ڇڏيا، خبر موجب ايڊيشنل سيشن جج سکر جي عدالت ايس ايچ او ڪينٽ پرويز شاهه مٿان نينگر اسرار جوڻيجو سان مبينا غير اخلاقي حرڪت جي ڪوشش ۽ اعتراض جوڳي حالت ۾ ويڊيو ڀرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، عدالت ۾ ڪينٽ پوليس جي حراست ۾ ورتل نينگر اسرار جوڻيجو جي امڙ اهڙي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، نينگر جي امڙ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سندس پٽ کي پوليس حراست ۾ ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او پرويز شاهه نشي جي حالت ۾ ڪپڙن کان آجو ڪري اعتراض جوڳي ويڊيو ڀري ۽ غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻي پاسي ايس ايچ او ڪينٽ پرويز شاهه جو چوڻ آھي ته جوڻيجا برادري جو پاڻ ۾ پلاٽ تي تڪرار هو، ٿاڻي جو گھيراءُ ڪري منھنجي گاڏي کي نقصان پھچايو ويو، ڄاڻايل نينگر پوليس رمانڊ ۾ ھو، الزام بي بنياد آھن، ڀلي جاچ ڪرائي وڃي.