ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ جيڪب آباد ضلعي جي سگهاري سياسي شخصيت محمد ميان سومرو راجا هائوس پهچي جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ڊگهي ملاقات ڪئي، جنهن دوران سياسي صورتحال ۽ اليڪشن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب محمد ميان پير پاڳاري کان ايندڙ اليڪشن لاءِ مدد گهري، جي ڊي اي سربراهه کيس حمايت جي خاطري ڪرائي