خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ اين اي 202 تي فارم ڀرائيندڙ پ پ اڳواڻ نواب وساڻ مايوسي واري لهجي ۽ روئڻهارڪي انداز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ سمنڊ آهي، ملڪ جي وڏي پارٽي هئڻ ڪري قيادت جيڪي فيصلا ڪندي اهي اسان کي قبول ڪرڻا پوندا، هن چيو ته پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تي متان ڪنهن کي غلط فهمي هجي ته آئون پارٽي ڇڏي ڏيندس، غلط فهمي ۾ رهندڙن کي واضح ڪريان ٿو ته پارٽي قيادت جو هر فيصلو قبول آهي، هن چيو ته پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ ننڍي ڳالهه آهي مون هميشه خيرپور جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، اُها هاڻ به پ پ جي پليٽ فارم تان جاري رکندس، هن چيو ته منهنجو جيئڻ مرڻ پ پ سان آهي، پارٽيءَ جو هر فيصلو قبول ڪبو.