ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ اليڪشن ٽربيونل جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ رٽرننگ آفيسرن ۽ اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڇا اميدوارن کي ڄاڻي واڻي اليڪشن کان روڪيو پيو وڃي؟ هن اميدوارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته  توهان وڃو، وڃي اليڪشن جي تياري ڪريو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واقع اليڪشن ٽربيونل اين اي 243 تان پي ٽي آءِ جي سبحان ساحل ، اين اي 242 تان پي ٽي آءِ جي امجد آفريدي، پ پ اميدوار رئوف احمد، پي ايس 126 تان آزاد اميدوار رفيعه حسن، آزاد اميدوار جمال الدين.  پي ايس 98 تان آزاد اميدوار ديدار علي، هالا جي اين اي 219 تان پي ٽي آءِ اميدوار مخدوم فضل، اين اي 237 تان فضا ذيشان، پي ايس 113 تان حسنين چوهاڻ جون اپيلون منظور ڪندي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اليڪشن ٽربيونل جي جج عدنان الڪريم ميمڻ رٽرننگ آفيسرن جي اهليت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اميدوارن کي ڄاڻي واڻي اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو پيو وڃي؟ لڳي ٿو ته رٽرننگ آفيسر شوق وچان نامزدگي ڪاغذ رد ڪري رهيا آھن، ڪنهن کي رڳو داخل ڪيسن ( ايف آءِ آر ) جي بنياد تي اليڪشن وڙهڻ کان روڪي نٿو سگهجي، ٽربيونل جي سربراهه  وڌيڪ چيو ته رٽرننگ آفيسرن دوربيني استعمال ڪندي حقيقتن جي نشاندهي نه ڪري سگهيا آهن ته اسان ڪيئن ڪنداسين؟  جسٽس عدنان ڪريم اميدوارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته  توهان وڃو، وڃي  اليڪشن وڙهڻ جي تياري ڪريو.