اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ٽربيونل ملتان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل رد ٿي وئي آهي. اليڪشن ٽربيونل جي جسٽس سرفراز ڊوگر شاهه محمود قريشي جا پي پي 219 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف آر او جي فيصلي کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي اليڪشن ٽربيونل زين قريشي ۽ مهربانو قريشي جي اين اي 150، اين اي 151 ۽ پي پي 218 تان چونڊ وڙهڻ جي لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شاهه محمود قريشي جي وڪيل مهر ضمير سنڍل چيو آهي ته نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي خلاف ڊويزنل بينچ ۾ اپيل داخل ڪنداسين. راولپنڊي جي اليڪشن ٽربيونل فواد چوڌري جي زال حبا چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. ٽربيونل حبا جي ڪاغذن تي داخل ڪيل اعتراضن کي درست قرار ڏنو. ان فيصلي کان پوءِ حبا فواد جھلم جي صوبائي تڪ تان چونڊ لاءِ نااهل ٿي وئي آهي. اليڪشن ٽربيونل موجب حبا فواد ٽي پرڏيهي دورا ۽ 9 بينڪ اڪائونٽس لڪايا. ايف آءِ اي پرڏيهي دورن ۽ اسٽيٽ بينڪ، بينڪ اڪائونٽس جو رڪارڊ پيش ڪيو. ٻئي پاسي حبا فواد جي نااهل ٿيڻ تي سندس مڙس فواد چوڌري کي 9 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. ٽربيونل اين اي 60 ۽ 61 تان فواد چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ وارو حڪم نامو به واپس وٺي ڇڏيو. ٽربيونل فواد چوڌري پنهنجيزال جا بينڪ اڪائونٽس ۽ پرڏيهي دورا لڪايا، ڇو نه فواد چوڌري کي به حقيقتون لڪائڻ تي نااهل قرار ڏنو وڃي.  اليڪشن ٽرنبيونلز قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، پي ٽي آءِ اڳواڻ تيمور جهڳڙا، اڳوڻي گھرو وزير چوڌر ينثار ۽ ٻين جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن. ان ڏس ۾ پشاور جي اليڪشن ٽربيونلز ڪي پي جي اڳوڻي ناڻي وزير تيمور سليم جھڳڙا، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻي ايم اين اي شير علي ارباب جون اپيلون منظور ڪري ورتيون آهن. اين اي 36 هنگو مان پي ٽي آءِ اڳواڻ يوسف خان جا ڪاغذ منظور ڪي اويا. پشاور جي ٽن ٽربيونلز ڪل 38 اپيلن تي ٻڌڻي ڪري 33 اپيلون منظور ۽ چار رد ڪري ڇڏيون. راولپنڊي ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪل 51 اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون، جن مان 32 اپيلون منظور ۽ 10 خارج ڪيون ويون. 9 اپيلن تي نئيون تاريخونرکيون ويون. پي پي 23 چڪوال تان فوزيا بهرام جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا. راولپنڊي جي اليڪشن ٽربيونل پي ٽي آءِ جي سمورن اميدوارن جن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم عباسي، ميجر طاهر صادق، سندس زال ناز صادق، پي پي 15 تان اڳوڻي وزير راجا بشارت، ڪرنل اجمل صابر، مرتضيٰ ستي، طارق مرتضيٰ، سيمابيا طاهر، اڳوڻي وزير راشد حفيظ جا ڪاغظ منظور ڪريچونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.  ٻئي پاسي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سندس زال جي اپيلن تي 8 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ جي اليڪشن ٽربيونل اين اي 243 تان پي ٽي آءِ جي سبحان ساحل، اين اي 242 تان امجد آفريدي، پي ايس 113 تان حسنين چوهاڻ، هالا مان مخدوم فضل جون اپيلون منظور ڪري ورتيون آهن. ٽربيونل پ پ جي اميدوار رئوف احمد ۽ آزاد اميدوار، پي ايس 126 تان رفيعه حسن، آزاد اميدوار جمال الدين ۽ ديدار علي، اين اي 237 تان فضا ذيشان جون آر اوز خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون آهن. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيليٽ ٽربيونل پي پي 80 سرگوڌا تان مريم نواز جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف اپيل خارج ڪندي سندس نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏئي ڇڏيا آهن.  ڊيرا غازي خان مان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل ۽ سندس مڙس همايون خان جون اپيلون منظور ڪندي کين اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.