اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، حڪم نامي ۾ مسنگ پرسنز ڪميشن کي 10 ڏينهن اندر پنهنجي معلومات متعلق تفصيل اٽارني جنرل کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ويو آهي ته  10 ڏينهن اندر حتمي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ پوليس کي بلوچ مظاهرين جي پرامن احتجاج تي تشدد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.پنجن صفحن تي ٻڌل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل مسنگ پرسنز ڪميشن جي رپورٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ حتمي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي عدالت طرفان طلب ڪيل دستاويز جمع ڪرائڻ کانپوءِ ٿيندي. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اعتزاز احسن جي درخواست تي رجسٽرار آفيس پاران اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، سندس درخواست رڳو گم ٿيل ماڻهن تائين محدود هوندي، اعتزاز احسن جي درخواست ۾ سياسي وابستگي رکندڙ ۽ واپس آيل ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي. عدالت ان معاملي تي غور نه ڪندي، گمشدگين بابت ڪميشن جي حوالي سان حڪم نامي ۾ لکيو ويو آهي ته 2011ع کان جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي سربراهي ۾ 4 رڪني گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي، ان ڪميشن تي آمنه مسعود جنجوعه ۽ ٻين بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران رجسٽرار ڪميشن خالد نسيم چيو ته ڪميشن جي ڪوششن سان ڪيترائي گم ٿيل ماڻهو بازياب ٿيا آهن. عدالتي معاون وڪيل فيصل صديقي چيو ته اليڪشن ڪميشن جا ڪيترائي پروڊڪشن آرڊر نظرانداز ڪيا ويا، عدالت کي ٻڌايو ويو ته گم ٿيل ماڻهن جو بل سينيٽ مان گم ٿي ويو، الزام آهي ته هڪ وفاقي وزير جي ڪوششن کي ان ئي پارٽي جي ووٽن جي زور تي چونڊيل سينيٽ چيئرمين ناڪام بڻايو آهي، صادق سنجراڻي تي اهو انتهائي سنگين الزام آهي، درخواستگذار طرفان صادق سنجراڻي کي ان ڪيس ۾ ڌر ناهي بڻايو. جيستائين درخواست گذار کيس ڌر نٿا بڻائين تيستائين اهو مناسب ناهي ته ٻڌڻي ڪريون. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو ته بلوچ احتجاج ڪندڙن سان بدسلوڪي ڪئي وئي، جنهن تي وفاقي حڪومت کان لکت ۾ ضمانت گهري وئي ته ڪنهن به شهري کي گم نه ڪيو وڃي. پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي حڪومت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ آفيسرن کي لکت ۾ يقين ڏياريندي ته قانون کان ٻاهر ڪنهن کي به نه کنيو ويندو، عدالت فيض آباد ڌرڻي جي فيصلي ۾ پرامن احتجاج جي حق کي واضح ڪري ڇڏيو آهي.