اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته لازمي ناهي هر شهري عدالت جي فيصلي سان اتفاق ڪري پر نظر اچڻ گهرجي ته انصاف ٿي رهيو آهي. فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جي اي ڪيمپس جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اڪيڊمي مضبوط بورڊ تحت ڪم ڪري رهي آهي، ان جي ڪاميابي ۾ اسان سڀني جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ 3200 جج فرض انجام ڏئي رهيا آهن، اڪيڊمي ۾ مختلف مرحلن تحت تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، جج پنهنجا تجربا ۽ خيال هڪٻئي سان شيئر ڪري سگهن ٿا، جڊيشل اڪيڊمي مختلف صوبن ۽ علائقن جي جج کي گڏ ڪرڻ جو ذريعو آهي. سندس چوڻ هو ته جڊيشل اڪيڊمي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڏسي اطمينان محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪيسن کي سڌي ريت ڏسندڙن کي سکڻ جو موقعو ملندو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي ٻڌڻي لائيو ٿي، خوشي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي پئي وڃي، اسان کي ماحول، گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان آگاهه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ماحول کي نه بچائينداسين ته اسان جو ڪو مستقبل نه هوندو.
چيف جسٽس چيو ته قانون جا شاگرد سڌي ريت فائدو کڻي سگهن ٿا، ماڻهن ۾ سڌي ريت ٻڌڻي سان اعتماد وڌندو آهي ته انصاف ٿي رهيو آهي، عوامي اهميت جا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ سڌي ريت نشر ٿيا، اهو عمل انصاف جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻيندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سول جج تربيت يافتا هوندا ته اعليٰ عدالتن تي دٻاءُ گهٽ هوندو، درخواست گذارن جو پهريون واسطو سول جج سان پوندو آهي، ڪيسن جي ٻڌڻي دوران جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان وسيلن جي بچت ممڪن آهي.
هن چيو ته عدليا جي فيصلن سان اختلاف هر شهري جو حق آهي، لازمي ناهي ته شهري اتفاق ڪري پر عدالتي فيصلن ۾ نظر اچي ته انصاف ٿي رهيو آهي.