ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ڪنهن به مُلڪ جي ترقي جو دارومدار تدريسي نظام سان جڙيل آهي، بهتر ٽيچنگ فورس هجڻ سان ئي  معاشرو پائدار بڻبو آهي. ڪالهه حسين آباد جي ايليمينٽري اسڪول ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته تدريسي شعبي ئي ٻين پيشن کي جنم ڏنو آهي، هن چيو ته  سرڪاري اسڪول تعليمي قوت جي علامت بڻجي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي برابري جي بنياد تي تعليم ڏني وڃي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار پڙهائڻ جي چونڊ معاشري جي بهتري جي عڪاسي ڪري ٿي، هن چيو ته مو نکي فخر آهي ته هاڻي گريجوئيٽس نوجوان ٽيچنگ لائسنس حاصل ڪرڻ بعد ئي استاد ٿي سگھندا، جنهن سان تعليم ۾ اڃا وڌيڪ بهتري ايندي.