بدين(رپورٽر)ھزارين سالن کان سنڌ پنھنجي ثقافت جي حوالي سان ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي ڪيترين ئي خوبصورت ثقافتي شين سان گڏ مچ ڪچھريون به پنھنجي وڏي اھميت رکي ٿي پر جڏھن عورتون وڏي مچ جي چوطرف ويھي پنھنجي پنھنجي سھيلين سان گڏ ويھي ڪچھري ڪرڻ ۾ مگن ٿي وڃن ته آھئين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ دنيا جي سڀني پريشانين ۽ سڀ خفن جي ڪا به اھميت ناھي،بدين ۾ سورمي ڊولپمنٽ  پاران جيم خانه ھال ۾ عورتن جي شاندار مچ ڪچھري ٿي گذري جنھن ۾ ميڊم عابده سمون ماروي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ نظير قريشي، سينئر صحافي دودو چانڊيو سميت سڄي سنڌ سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي وڏن شھرن کان عورتن وڏي تعداد ۾ پھچي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي نالي وارن فنڪارن بالاچ حيدري سيداڪبرشاھ ۽ ٻين قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا،ان موقعي  پھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورت جو وڏو ڪردار آھي عورت مرد سان گڏوگڏ ھر محاظ تي گڏ آھي پوء ان کي برابر جي حيثيت ڇو نٿي ملي عورٿ کي برابر جي بنياد تي حق ملڻ گھرجن, سينئر صحافي دودو چانڊيو چيو ته مون کي عورتن کي وڏي تعداد ۾ گڏ ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي ڇو ته ھاڻي اسان جي مرد پنھنجن عورتن کي برابر سمجھي سندن حق ڏيڻ شروع ڪيا آھن عورت ڪنھن به صورت ۾ مرد کان گھٽ ناھي ھن معاشري ۾ عورت جو تمام گھڻو وڏو ڪردار آھي