قاضي احمد (ن پ ا) آصف زرداري جي ويجهو ساٿي ٽڪيٽ نه ملڻ تي ناراض، پ پ اميدوار جو مقابلو ڪرڻ جو اعلان، خبر موجب صوبائي تڪ پي ايس 39 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري پارٽي قيادت پاران ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي ڪاوڙجي پيو آهي، اسماعيل ڏاهري هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي پارٽي قيادت جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پ پ پاران نامزد ڪيل اميدوار سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اسماعيل ڏاهري چيو ته پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري به مون کي منع ڪندو ته به دولتپور جي بھادر ڏاهري جو اليڪشن ۾ مقابلو ڪندس، پارٽي قيادت جي فيصلي باوجود تڪ جي عوام کي اڪيلو ڇڏي نٿو سگهان، هن چيو ته بار بار ساڳي ئي خاندان کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ وارو عمل بھتر ناهي، ھن چيو ته 8 جنوري تي تڪ سان جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جي ميٽنگ گهرائي آھي، جنهن ۾ اليڪشن ورڪ توڙي چونڊن بابت راءِ ورتي ويندي، هن چيو ته اليڪشن واري ڏينهن جيڪڏھن تشدد ڪيو ويو ته پوءِ آءُ به پرتشدد ٿي ويندس، واضح رهي ته پ پ قيادت بھادر ڏاهري کي پي ايس 39 تي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي.