ميرپورماٿيلو (ن پ ا) پ پ اڳواڻ ۽ ڀائر هالار پتافي ۽ باري پتافي سياسي رنجشون ختم ڪري ڇڏيون، خبر موجب باري پتافي، عبدالقيوم پتافي سميت ٻين معززن کي ساڻ ڪري پنهنجي ڀاءُ هالار پتافي وٽ سبحان هائوس پهتو، تازو پ پ ۾ شامل ٿيل هالار پتافي کي پي ايس 19 تان باري پتافي جي حق ۾ هٿ کڻڻ ۽ حمايت لاءِ چيو، جنھن بعد ھالار پتافي ناراضگي ختم ڪري سندس حمايت جو اعلان ڪيو، عبدالقيوم پتافي ۽ باري پتافي جي هلي اچڻ توڙي پارٽي قيادت جي هدايتن تي هالار پتافي باري پتافي سان سياسي رنجشون ختم ڪري کيس حمايت جو يقين ڏياريو، ھالار پتافي ميڊيا کي ٻڌايو ته معززن جي هلي اچڻ ۽ پارٽي قيادت جي هدايتن تي باري پتافي سان سياسي اختلاف ختم ڪري پي ايس 19 تي سندس حمايت ڪئي آهي.