شازيا مري، علي هڱورجو ۽ سائره وساڻ لاڏلن اميدوارن ۾ شامل

0
192

شازيا مري، علي هڱورجو ۽ سائره وساڻ لاڏلن اميدوارن ۾ شامل

ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) شازيا عطا مري، سائرهه ڪليم وساڻ ۽ علي حسن هڱورجو پارٽين جي خاص اميدوارن ۾ شامل آهن

ان ڏس ۾ خبر موجب پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم اين اي شازيا عطا مري کي پارٽي پاران خاص اهميت ڏيندي جنرل سيٽ اين اي 209 تي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته سندس نالو عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ به فائنل ڪيو ويو آھي

کپرو واري صوبائي تڪ تي سروري جماعت جي سربراهه مخدوم جميل الزمان جي سالي علي حسن هڱورجو کي ٽڪيٽ ڏني وئي آھي، جيڪو هن وقت پ پ ضلع سانگهڙ جو صدر هجڻ سان گڏ ضلع ڪائونسل سانگهڙ جو چيئرمين پڻ آهي

هوڏانهن جي ڊي اي وري اين اي 210 تي سائرهه ڪليم وساڻ کي ٽڪيٽ ڏني آهي، جڏهن ته سندس نالو عورتن جي مخصوص سيٽن واري لسٽ ۾ به فائنل ڪيو ويو آهي