سنڌ جي سياست ۽ سنڌين جي نفسيات کي سمجهڻ جي ضرورت!‎‎

نئين سنڌ کي سمجهڻ جي لاءِ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي سياست کي ٽن دورن ۾ ورھائي سگهجي ٿو، ھڪ سر چارلس نيپئير جو دور، ٻيو برٽش انڊيا ۾ الڳ صوبي وارو دور، ٻيو پاڪستان سان گڏ پيپلزپارٽيءَ جو دور. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضي کان پوءِ ان کي بمبئي پريزيڊينسي ۾ شامل ڪيو ۽ ان دوران 1847ع ۾ انگريزن پنهنجن وفادارن ۾ جاگيرون ورھايون، پيراڻين گادين کي نوازيو، انهن کي مضبوط ڪيو، نوان پير مرشد پيدا ڪري سنڌي عوام کي انهن جو ماتحت بڻايو. ٻيو دور 1936ع کان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ سنڌي عوام کي پنھنجا نمائندا چونڊڻ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ الڳ صوبائي حيثيت ڏني وئي، گڏو گڏ پنهنجي الڳ قانونساز اسمبلي کي ملي، ان اسمبلي ۾ چونڊجي ايندڙ نمائندا انهن ئي جاگيردارن، پيرن، ميرن، سردارن جي اولاد ئي ھئا جن کي 1847ع ۾ سر چارلس نيپئير جاگيرون عطا ڪيون ھيون. ان دور کي سائين جي ايم سيد جي سياست جو دور به سڏي سگهجي ٿو. ان وقت به اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وفاداريون تبديل ڪرڻ معمولي ڳالھ ھئي. 1947ع ۾ آزادي کان پوءِ 1955ع ون يونٽ جي قيام تائين سنڌ کليل مال غنيمت بڻيل ھئي. 15 سال صوبائي حيثيت وڃائڻ کان پوءِ 1970ع تائين سنڌ لاھور جي ماتحت رھي پنهنجو گهڻو ڪجھ وڃايو. ان دوران 1947 وارن جاگيردارن جو اولاد سنڌ جو سوداگر بڻيل رھيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد واري سياست جو مڪمل خاتمو ٿيو ۽ پيپلزپارٽيءَ جو دور يعني ڀٽوز جو دور شروع ٿي ويو، جيڪو اڄ به جاري آهي، ان دوران ساڳو وڏيرو، جاگيردار، پير مرشد ڀٽو صاحب جي پيپلزپارٽي جو حصو ٿي ويو ۽ اڄ به پيپلزپارٽي انهن سڀني جي محفوظ پناهه گاھ بڻيل آهي. عوام 1843ع ۾ بيوس ھو. عوام 1936 ۾ به بيوس ھو. عوام 1947 کان 1955ع ۾ به انهن جو غلام ھو، عوام 1970ع ۾ ڪجھ تبديلي آندي پر اھا گهڻو وقت نه ھلي سگهي، پيپلزپارٽي تي ساڳين ماڻهن جو قبضو ٿي ويو ۽ اڄ 2023ع ۾ به عوام نسل در نسل غلام بڻيل آهي، پيڙھيل آهي، دٻيل، لتاڙيل آهي بکايل ۽ گھايل آهي. سنڌ جا حڪمران اڄ به چارلس نيپيئر جي پاليل وفادرن جي پڙ پوٽن جو اولاد آهن، 1936ع واري اسمبلي جي ميمبرن جا پڙ پوٽا اڄ به ايم پي اي، ايم اين اي، چيرمين، مئير ۽  پارٽين جا سربراھ  آهن. تبديلي ڪڏهن ايندي؟ ڪير به نٿو ڄاڻي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڀوتار اڃا به وڌيڪ طاقتور ٿي ويا آهن.

شھزاد علي ڪٻر/ڳوٺ باگووداداڻي، ٽنڊو آدم

قربانيءَ جي عيد

۽ موجوده مھانگائي!

ڪالھ منهنجو اوچتو جانورن جي منڊيءَ تي وڃڻ ٿيو، سچ پڇو ته جانورن جا اگھه ٻڌي جسم مان ٽڙڪا نڪري ويا، ھل ڀيڻان ٻڪرو جيڪو پھريان 30 کان 20 ھزارن تائين ملندو ھو اھو هيل 50 هزار 60 ھزارن تائين وڪرو پي ٿيو، وري مينھن يا گابو ته آسمان سان پيا ڳالھيون ڪن. تقريبن ھڪ لک اسي ھزار جي مينھن پئي وڪرو ٿي، مون سوچيو پي ته پاڻ ته ھن ڀيري قربانيءِ کان وياسين، سمجھه ۾ نٿي آيو ته جيڪي مڊل ڪلاس فيمليءَ سان لاڳاپيل ماڻھو اڳ قرباني ڪندا ھئا ھن عيد تي پنھنجي ٻارن ٻچن جو خرچ ڪري عيد ڪن يا وري قربانيءَ جو جانور وٺي قرباني ڪن؟ غريب مسڪين ماڻھو جنھن سڄو سال گوشت ڏٺو ئي ناھي، انھن کي قربانيءَ واري عيد جو ڏاڍو انتظار ھوندو آھي ته ڪڏھن ٿي قربانيءَ واري عيد اچي ته اسان جا ٻچا به گوشت کائين پر افسوس ته حڪومت اھو گوشت به مسڪين غريبن کان کسي ورتو آھي توھان پاڻ ڏسو ھن عيد تي تمام گھٽ ماڻھو قرباني ڪندا، ڇاڪاڻ ته مھانگائي ايتري وڌي وئي آھي جو ماڻھو ٽن ويلن جي ماني به وڏي ڏکيائيءَ سان ٿو کائي، خبر ناھي ھن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

ثقلين حيدر/ رتوديرو

ميھڙ ۾ بدامني

جي ڀڙڪيل باهه!

ميھڙ ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون، شهر جي اٽي جي ڪارخاني تي اڻڄاتل 125 موٽر سائيڪل سوار 3 ھٿياربندن چڙھائي ڪري ڪارخاني جي مالڪ ۽ مزدورن کي يرغمال بڻائي کانئن 6 لک رپيا روڪ ۽ موبائل سيٽ ڦر ڪر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد وڏي تعداد ۾ شھري ميھڙ ٿاڻي ۽ ڪارخاني تي پھچي ويا. اطلاع تي ميھڙ اي سيڪشن پوليس پھچي تفصيل ورتا، ميھڙ ۾ ھڪ ڏينھن اندر ميھڙ ٿرڙي روڊ ٻٽ سرائي پوليس پڪٽ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن عدنان بروھي، فيضان چانڊيو، عثمان ٻلھڙو کان الڳ الڳ موٽرسائيڪل، پنج موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته ميھڙ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻنڊو موري ڀرسان اڻڄاتل ھٿياربند نويد ڪولاچي جي پٽ معيد ڪولاچي کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، آءِ فون، روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ميھڙ ٻن ٿاڻن ۽ ڊي ايس پي آفيس ڀرسان فريدآباد اسٽاپ وٽ اڻڄاتل چور يار محمد سولنگي جي موٽر سائيڪل ڪاهي ويا، جڏھن ته ميھڙ ڪورٽ گيٽ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل چور راهب جمالي جي موٽر سائيڪل پڻ چوري ڪري ويا ميھڙ ۾ نيشنل بئنڪ ڀرسان اڻڄاتل چاٻي چور سلطان چانڊيو جي به موٽرسائيڪل ڪاھي ويا ھوڏانھن ڊاڪٽر عبدالحق عباسي جي اسپتال ڀرسان محرم ڀٽي جي به موٽر سائيڪل اڻڄاتل چاٻي چور ڪاھي فرار ٿي ويا. ميھڙ ٻيٽو روڊ وٽ اڻڄاتل ھٿياربندن صحت کاتي جي ملازم فيصل وفا ڀٽي کان موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته واپاري صدام حسين ڀنڊ جي در تان اڻڄاتل چاٻي چور سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا. ميھڙ جي مختيارڪار آفيس اڳيان اڻڄاتل چاٻي چور الطاف چانڊيو جي سي موٽر سائيڪل ڪاھي ويا. ھوڏانھن ميھڙ لاڙڪاڻو روڊ تي اڻڄاتل ھٿياربندن ڊاڪٽر غلام شبير کنڊ کي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪئي، ھوڏانھن واپارين ۽ شھري اتحاد ۽ ميھڙ ڪلاٿ مرچنٽ ايسوسيئيشن جي اڳواڻي ۾ واپارين پاران ميھڙ ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو. اسان جي اعليٰ اختيارين کان بدامني جو نوٽيس وٺڻ، واپارين کي تحفظ ڏيڻ ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائي جي گھر ڪئي آھي ٻي صورت ۾ شھري اتحاد ۽ واپاري تنظيمن پاران ڌرڻي جو چتاءُ پڻ ڏئي ڇڏيو آھي.

عبدالرحمن قمبراڻي/ ميھڙ

بجيٽ، عوام ۽ سنڌ!

(حصو پهريون)

بجيٽ جو مهينو آھي ۽ پوري سال جي ملڪي توڙي صوبائي بجيٽن کي عوام آڏو آندو ويندو آھي. دنيا جي ملڪن ۽ رياستن جون جون بجيٽون اينديون ئي ان ڪري آھن ته اتي ان بجيٽ جي استعمال سان بهتري اچي سگهي ۽ ان جو نتيجو بهتر کان بهتر نظر ايندو آھي ۽ ايئن هتي به هجڻ کپي ۽ ٿيڻ کپي پر مناسب نتيجو جيڪو ملڻ کپي اهو نظر نه ايندو آھي ۽ هتي ڏٺو اهو ويو آھي ته انگ اکر بجيٽ جا هر سال جيان وڌندا رهيا آھن پر سڌارو ۽ بهتري جيڪا بنسبت ٻين ملڪن ۽ رياستن جيان سامهون ناهي اچي سگهيو. هن وقت اسان هتي سنڌ جي عوامي ۽ ادارتي ڳالھ ڪنداسين ته سنڌ عوامي طور تي گذريل هڪ وڏي عرصي کان وڏين تڪليفن کي منهن ڏيندو اچي ٿو. مثال طور مهانگائي کان وڌيندي بيروزگاري، بدامني سميت  تعليم، صحت، زراعت سميت مڙني ادارن پاران ايترو فري هينڊ هوندي ۽ بجيٽون مخصوص هوندي به عوامي بهتري ناهي ٿي سگهي، جيڪو پڻ هڪ سخت ڳڻتيءَ وارو سوال آھي. عام ۽ معمول وارن مسئلن جو حل نه ٿيڻ يا ٿورو ٿورو حل ٿي اڳتي وڃڻ پنهنجي جاءِ تي معمول جو حصو آھي پر حيرت ان تي آھي گذريل سال جيڪا برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهيءَ سان انساني جانين جي نقصان کان ويندي جيڪو زراعت ۽ فصلن جو نقصان سميت انفرااسٽريڪچر تباھ ٿيو آھي سو اهميت ۽ ڌيان جو گهرجائو آھي ۽ جيترو ان تي فوري ڪم ٿيڻ کپي سو به ڪم ناهي ٿي سگهيو .بجيٽ جو اچڻ ۽ ان جو استعمال ۽ وقت سر استعمال بهتر بتيجا ڏئي سگهي ٿو پر اسان وٽ خصوصن وفاقي کاتن جي بجيٽ سميت پوري سنڌ لاءِ وفاق پاران ڏنل بجيٽ ۽ هوڏانهن سنڌ صوبي جي پنهنجي  ادارن لاءِ بجيٽ هوندي آھي ۽ ان جو وقتائتو استعمال ۽ بهتري لاءِ استعمال هجڻ کپي سو سامهون ناهي اچي سگهيو.(جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

شعور ڪتابن مان ايندو ڊجيٽل شين مان نه!

ڪتاب، علم ۽ ڄاڻ جو خزانو آهن، اهي موضوعن جي هڪ وسيع صف کي ڍڪيندا آهن، تاريخ ۽ سائنس کان فلسفي ۽ ادب تائين، ڪتابن پڙهڻ سان توهان مختلف نقطه نظر خيالن ۽ تجربن تائين رسائي حاصل ڪندا آهيو. سنڌي نوجوان ڪتاب پڙهڻ ۾ ايترو مشغول نه ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته تفريح جي متبادل طريقن جو رواج، اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ ٻارن کي تفريح جي ڪيترن ئي ذريعن تائين رسائي آهي، جهڙوڪ وڊيو گيمز، سوشل ميڊيا ۽ آن لائن وڊيوز. اهي پليٽ فارم فوري طور تي اطمينان پيش ڪن ٿا ۽ اڪثر ڪري ڪتاب پڙهڻ کان گهٽ ڪوشش جي طلب ڪن ٿا، نتيجي طور، نوجوان ڇوڪرن کي اهو وڌيڪ پرجوش لڳي سگھي ٿو ته هو پنهنجي واندڪائي وقت انهن سرگرمين تي خرچ ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ڪتاب ۾ لڳائين. سنڌي هڪ شاهوڪار ۽ سهڻي ٻولي آهي پر سنڌي ۾ معياري ڪتابن جي دستيابي، خاص ڪري نوجوان ڇوڪرن جي دلچسپيءَ لاءِ تيار ڪيل ڪتابن جي دستيابي محدود آهي. اها گهٽتائي انهن کي پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ کان روڪي سگهي ٿي. ان کان سواءِ، تعليمي نظام ۽ اسڪولن ۾ پڙهڻ جو طريقو پڻ نوجوان ڇوڪرن جي پڙهڻ جي تصور کي متاثر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن پڙهڻ کي بنيادي طور تي درسي ڪتابن جي مطالعي سان لاڳاپيل ڪم يا ڪم جي طور تي ڏٺو وڃي، اهو شايد انهن جي دلچسپي ۽ جوش کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جتي پڙهڻ کي صرف هڪ علمي فرض جي بجاءِ هڪ مزيدار ۽ خوشحالي واري سرگرمي طور ڏٺو وڃي. سنڌ جو نوجوان ته ڇا پر پوري ملڪ جو نوجوان ڪتاب پڙھڻ کان لھرائن ٿا، شعور ڪتابن مان ايندو ڊجيٽل شين مان نه ٻيو ته اڃ جي نوجوان نسل کي گھرجي ته ڪرڪيٽ ۽ موبائل فون کي ڇڏي بيٽ جي جاءِ تي ڪتاب کي اوليت ڏين ته مستقبل به سٺو گذرندو ۽ آسپاس ۾ عزت سان سڃاتا ويندا.

عبدالحفيظ ڪنڀر/ ٽنڊوآدم، سانگھڙ

ملير ضلعي جي نوجوانن سان پيپلزپارٽيءَ جو اھڙو رويو آخر ڪيسيتائين؟

پيپلزپارٽيءَ پاران ملير ضلعي جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري آھي، ضلعي ملير لاءِ يوٿ جي صدارت ھڪ اڻڄاڻ سمير گرگيج حوالي ڪرڻ خلاف ملير ضلعي جي نوجوانن ۾ وڏو تاءُ پکيڙي ڇڏيو آھي، ان حوالي سان گڏاپ جي نوجوان اڳواڻن موجب پيپلزپارٽيءَ جي قيادت پاران گذريل سالن جيان پنهنجا نوازي پاليسي وارو رويو برقرار رکندي ھڪ غير سياسي نوجوان کي يوٿ جي صدارت جي سيٽ تي چونڊ ڪري ملير ضلعي جي نوجوانن سان ٻه اکيائي وارو رويو اختيار ڪيو آھي جيڪو ناقابل برداشت ۽ مذمت جوڳو عمل آھي، سمير گرگيج کي سياست جي (س) جي به ڄاڻ ناھي، اھڙو شخص عوامي مسئلا ڪيئن حل ڪري سگھندو؟ سمير گرگيج کي وڏڙن جي ورھاست ۾ سيٽ ملي آھي، اھڙي شخص کي ضلعي ملير اندر صفائي، سٿرائي، واري عمل، صحت ۽ تعليم بابت ڪهڙي ڄاڻ ھوندي؟ ھو انهن سمورين شين کان ڪوھين ڏور آھي ته ھو پوءِ ڪهڙا فيصلا ڪري سگهندو؟ اسان نوجوان پيپلزپارٽيءَ جي قيادت کان پڇاڻو ٿا ڪريون ته ڇا پوري ضلعي ملير ۾ سمير گرگيج کان وڌيڪ ڪو به قبل ۽ اھل نوجوان توهان کي نظر نه آيو جو ھڪ نااھل شخص کي يوٿ جي صدارت لاءِ چونڊيو ويو آھي. سمير گرگيج جو چاچو منير ايوب گرگيج يوٿ ضلعي جو صدر آھي، ھنن وٽ ڪنهن به قسم جي ترقياتي ڪمن جو ڪو به پرپوزل ناھي، تنهن کي اسان پيپلزپارٽيءَ جي قيادت کان مطالبو ٿا ڪريو ته سمير گرگيج جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي پڙھيل لکيل ۽ سياست کي سمجهندڙ نوجوان کي ڪي ايم سي يوٿ جي صدارت ڏني وڃي ته جيئن ھو يوٿ ۽ عوام لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي.

عرفان علي بلوچ/ گڏاپ ڪراچي

سارين جو فصل ۽ آبپاشي کاتي جي لاپرواهي!

ميھڙ شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ساريالي فصل جي مُند اچڻ باوجود ھن وقت تائين واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جو ٽيپو به ناھي آيو، جنھن جي ڪري ميھڙ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ ساريالو فصل جو ٻيجارو به پوکجي ناھي سگھيو، رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ واھن ۽ شاخن جا آبادگار ھن وقت تائين پاڻي نه پھچڻ ۽ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه ڇڏڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھن، ميھڙ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ ساريالي فصل جي مند اچڻ باوجود پاڻي نه پھچڻ تي آبادگار سخت پريشانين کي منهن ڏئي آھن. گذريل سال ميھڙ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ جي ڪري ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻيءَ ھيٺ اچي ويو ھو، جنھن سبب علائقي ۾ ساريالي فصل جو ٻيجارو به پوکجي نه سگھيو ھو جڏھن ته ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب ميھڙ جي اڪثر واھن ۽ شاخن کي ڪٽ لڳايا ويا ھئا، جيڪي ھن وقت تائين بند ناھن ٿي سگھيا نه ئي وري واھن ۽ شاخن جي کاٽي ٿي سگھي آهي. ميھڙ ۾ ھن وقت پاڻي نه پهچڻ جي ڪري آبادگار سخت پريشان آھن، آبادگار پاڻي لاءِ لاڳيتو احتجاج ته ڪري رھيا آھن پر ڪير به انهن جي دانهن ورنائڻ وارو ڪونهي. هتان جي آبادگار اڳواڻن ۽ ٻين سنڌ سرڪار کان گھر ڪئي آھي ته ميھڙ تعلقي اندر واھن ۽ شاخن جي ھنگامي بنيادن تي کاٽي کڻائي واھن ۽ شاخن کي لڳل ڪٽ بند ڪرائي فوري طور رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن آبادگار معاشي بحران مان نڪري سگھن، گذريل سال فصل لڙھي وڃڻ کان پوءِ ماڻھو بدحالي جي ور چڙھيل آھن، حڪومت عوام تي رحم کائي.

صابر ڪولاچي/ميهڙ

رڳو تيل گئس ڪمپني طرفان ملندڙ فنڊ ئي ڪاڇي تي خرچ ڪيو!‎‎

هي منظر سائوٿ آفريڪا، صوماليه، تنزانه يا نائجيريا جا نه پر جوهي تعلقي جي يونين ڪائونسل جوهي ٽو جي ڳوٺ ٻاجهي خان لغاري جي رهواسين جا منظر آھن، هن جديد ترين دور ۾ ڳوٺاڻا گندن پاڻيءَ جي دٻن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته کوهن جو ميرو پاڻي واپرائڻ سبب معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر آھيون، چونڊيل نمائندن اسان جي سار نه لڌي آهي، پيپلزپارٽيءَ جي عورت ايم پي اي سجيلا لغاري، وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي معاون ڊاڪٽر بنده علي لغاري جا سپوٽر پڻ گندن پاڻيءَ جي دُٻن جو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. هنن ڪڏهن به ڪاڇي، واهي پانڌي جي ڳوٺاڻن جي سار نه لڌي آهي، خدارا ڳوٺ ٻاجهي خان لغاري ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم منظور ڪرائي ڳوٺاڻن کي پيئڻ جي پاڻيءَ سهولتون فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻيو نه ته رڳو هن خطي مان تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپينن پاران ملندڙ فنڊ ئي هتي استعمال ڪيا وڃن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ڪراچيءَ جو قيدي!

(حصو ٽيون)

هن ڪجھه سوچڻ کان پوءِ چيو ته گئس اسان جو بلوچستان پوري ملڪ کي ڏئي رهيو آهي پر اتي جي گھرن ۾ گئس ناياب آهي، هو ُتان ٿيندي ٿيندي اچي مذهبي بحث تي پهتو ۽ مون هن کي اهو موضوع ختم ڪرڻ لاءِ چيو ته هو وري ڦري قائداعظم جي زندگيءَ تي ڳالهائڻ لڳو، اڃا سندس ڳالهيون هلي ئي رهيون هيون ته منهنجي ملاقات جي پرچي اچي وئي. مان کانئس موڪلائي ملاقات روم ۾ آيس جتي پياري سني اسد علي کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي، هو منهنجو عيد جو سامان کڻي آيو هو، سموري خاندان جا سلام ڏيڻ کان پوءِ هُن چيو ته تمام جلد توهان کي وٺڻ اينداسين. اسد چيو ته ڀائو محمد مري صاحب چيو آهي ته آصف عيد کان پوءِ مون وٺو. هن کي منسٽر سان ڳالهائي به ڇڏيو آهي، مون مرڪي اسد کي چيو ته منهنجو مشاهدو آهي ته غدار ڪمزور خلافت جي پيداوار هوندا آهن، آئون محمد خان تي ٻيهر ڀروسو نٿو ڪري سگھان ڇو جو ماضيءَ ۾ ان کان مون کي چوٽ لڳي چڪي آهي. خير گھر، خاندان، ماضي، حال ۽ مستقبل کان سواءِ تمام گھڻا موضوع اسان جي ڪچهريءَ جو حصو بڻيا. هميشه جيان موڪلائڻ وقت هُن جو چهرو اُداس ٿي ويو. اسان ويندي ويندي پري تائين هڪ ٻئي کي هٿ لوڏي مٺيون هوا ۾ اڏاري هڪ ٻئي کي اولدا ڪري رهيا هئاسين، ان دوران اسان کي اهو به احساس ڪونه ٿي رهيو هو ته اسان جي وچ ۾ ڪي ڪجھ عورتون به ڪجھه قيدين سان ملاقات ڪري رهيون آهن، اصل ۾ پنهنجن سان وڇڙڻ وقت شعور ۾ شايد لاشعور ۾ مٽجي ويندو آهي. ملاقات روم مان نڪتس ته احسان مهر نظر آيو جنهن کي چيم ته هڪ پراڻي جھوني قيدي جنهن کي موت جي سزا لڳل آ تنهن سان ملاقات ڪراءِ. احسان سپاهي کي هدايت ڪئي ۽ ان کان پءِ مون کي ٽاور تي هڪ ننڍي پر صاف ڇپري جي هيٺ ويهاريو ويو جتي پکين جا پڃرا پيل هئا. آئون رنگين ۽ سهڻن قيدي طوطن کي ڏسي رهيو هئس ته ظهرو خان بادشاهه (جھونو قيدي) اچي سلام ورايو. هو مون کي ڏسي تمام گھڻو حيران ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري اوڇنگارون ڏيندو رهيو، جنهن کي سڀني قييدين تمام گھڻي آٿت ڏني، هو چوڻ لڳو ته علي تون ايترو وڏو ٿي وئين؟ مون مرڪي هُن کي چيو ته ايئن تو به ته ايترو جھونو ٿي ويو آهين، ان ڳالهه تي هُن هڪ ٽهڪ ڏيندي مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي هڪ پڪي مقدم کي چيو ته هي صفا نڍڙو هو جڏهن اسان وٽ 2009ع ۾ بي ڪلاس 23 ۾ آيو هو. هي تمام گھڻو شرارتي ۽ خرچائو هوندو هو.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ڪراچي

ڇا لطيف اهڙي سنڌ ڏسڻ پي چاهي؟

صوفين جي سرزمين سنڌ ڌرتي جنھن لطيف سائينءَ سميت ڪيترن ئي اوليائن ۽ بزرگن کي جنم ڏنو آهي جن ھميشه امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس پي ڏنو آهي ۽ سنڌ ڌرتي امن ۽ صوفين جي سرزمين جي نالي سان پنھنجي سڃاڻپ ٺاھي ۽ اڄ به دنيا ۾ ڪٿي سخاوت، امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالھ ٿئي ٿي ته سنڌ جا مثال ڏنا ويندا آھن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھاڻ بدامني، قبيلائي تڪرار، جھيڙا، اغوا، ڦرون، چوريون، ڌاڙا، ظلم، ناانصافيون، حق تلفيون، ڪرپشن، ھندو نارين ۽ معصوم ٻارڙين جا جبري مذھب تبديل ڪري ساڻن شاديون ڪرڻ جھڙا ڪڌا عمل سنڌ جي سڃاڻپ ٻڻايا ويا آهن. خبر ناھي ته سنڌ امڙ کي ڪنھن جي بري جي نظر لڳي وئي آهي جو ھاڻ روز ھتي ناحق ڪيس ٿين ٿا. ھر روز ھتي ڪا نه ڪا کير جھڙي اڇي اجري ۽ سنڌو جي پاڻي جھڙي پاڪ پويتر حوا ڄائي ڪارنھن جو داغ لڳائي بي موت ماري وڃي ٿي، ھتي ھر روز ڪا نه ڪا معصوم ڪنول چئن ٽڪن عيوض پيءُ جيڏي پوڙهي سان پرڻائي وڃي ٿي، ھتي ھر روز ڪنھن جي معصوم جذبن ۽ احساسن جا جنازا کنيا وڃن ٿا. ھتي ھر روز ڪا وني بيواھ ٿئي ٿي ته ڪنهن ماءُ کان ٻچو کسجي وڃي ٿو، ھتي ھر روز ڪيئين ڪونڌر ڪسجن پيا ۽ ڪيئي مارويون ڪوٽن ۾ قيد ڪيون وڃن ٿيون. ھاڻ اخبارون ڪرائيم ڊائرين جو ڏيک ڏين ٿيون، يقينن سنڌ جي اھڙي حالت ڏسي لطيف سائين به ڏکارو ھوندو! ڇا لطيف سائينءَ اھڙي سنڌ ڏسڻ ٿي گھري؟ لطيف سائينءَ ته خوشحال سنڌ ڏسڻ ٿي گھري، ھو ته ھميشه سنڌ جي آباديءَ جون دعائون گهرندو ھو پر ھتي ته معصوم ٻارڙا اغوا ٿين ٿا سوشل ميڊيا تي ڏسجي ٿو ته مغوين جي مائرن جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ۽ دانھون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون. ڇا ٿي ويو آ سنڌ جي امن کي، ڪاڏي ويون اھي محبتون جيڪي ھاڻ ماضيءَ جو قصو لڳن ٿيون؟ اچو ته سڀ گڏجي شاھ لطيف جي زباني ھيءِ دعا ڪيون ته:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين. (آمين)

مختيار حسين جمالي/نوابشاھه