اشو آف دي ڊي … عوام يا دوست يا آءِ ايم ايف بجيٽ ؟ پي ڊي ايم خوار ٿيندي: سوشل ميڊيا تي بحث

0
286

  وفاقي حڪومت پاران بجيٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي به بجيٽ بابت پوسٽون شيئر ڪندي مختلف سوال اٿاريا ويا ۽ مختلف تجويزون ڏنيون ويون، ان حوالي سان آصف احمد ڪلهوڙو لکيو ته اميد آهي بجيٽ پيش ٿيڻ وقت اسيمبلي ۾ خيرپور ضلعي جا نمائيندا ايس اين ئي لاءِ ڳالهيندا ۽ ماستري جي اميدوارن سان ساٿ ڏيندا، شهباز شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت بجيٽ سان گڏ اهم قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، غيرملڪي ڪرنسي ذخيرو ڪرڻ تي سزا لاءِ قانون آندو پيو وڃي، ذريعن موجب ڊالر ۽ ٻي غيرملڪي غيرملڪي ڪرنسي جي ذخيره اندوزي تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، ناڻي وزارت ۽ قانون وزارت مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، بجيٽ ۾ 2 قانون متعارف ڪرايا ويندا جنهن ۾ هڪ اهو ته ڪو به ادارو يا ڪوبه شخص غيرملڪي ڪرنسي جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث ظاهر ٿيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، نزاڪت علي گل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ مان وڌ ۾ وڌ سرڪاري ملازمن کي فائدو ملڻو آهي، پر الله ڪري ته پوءِ به اهي شل خوش ٿين،  نثار لغاري به بجيٽ بابت پوسٽ شيئر ڪئي، عرفان ڏاهري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ رھندڙ اھڙا ڪيترائي خاندان موجود آھن جن وٽ نه سرڪاري نوڪري نه ئي وري ٻني ٻارو آھي بس روز جي مزدوري تي ھن مھانگائي واري دؤر ۾  وڏي تڪليفن سان گذارو ڪن ٿا  عيد يا ٻي ڪنهن خوشي جي موقعي تي نوان ڪپڙا ته پري جي ڳالھه  پر گھر جو راشن پورو ڪرڻ به چيلينج بڻجو وڃي ٿو، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ايندڙ بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين خاص ڪري اٽي جي اگھن ۾ نمايان لاٿ جو اعلان ڪري مسڪين بي پھچ ماڻھن کي چڱو خاصو رليف ڏئي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي، شفيق الزمان لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ ۾ مهانگائي سٽيل عوام تي 700 ارب رپين کان وڌيڪ نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز، گاڏيون، موبائيل فونز، ميڪ اپ، امپورٽڊ انرجي ڊرنڪس، شيمپو، صابڻ، ٿانون ۽ بسڪيٽن سميت عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿينديون، پراپرٽي سيڪٽر ۽ ڪمپنين جي منافعي تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان، لگزري شين تي ٽيڪس وڌائڻ سميت جانورن جي خوراڪ، عورتن جي پرسن، لوشن، ٽائلز، سينيٽري ۽ ڪارپيٽس تي به ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. داس نارائڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت طرفان عوام مٿان ھڪ نئون مھانگائي جو بم ڪيرايو پيو وڃي جيڪو بجيٽ ۾ 700 ارب رپين جو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، صدام حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ڊي ايم وارا ايندڙ بجيٽ ۾ دفاع لاءِ گهٽ بجيٽ رکندا ته وڏا ڪاوڙ ڪندا ۽ وري انهن کي راضي رکڻ لاء اگر دفاع لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکندا ته عوام خوار ڪندو، مطلب ته اها بجيٽ به پي ڊي ايم وارن لاءِ خواري ثابت ٿيندي…نصرالله لاشاري به بجيٽ بابت پوسٽ شيئر ڪئي، نياز محمد خواجه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گذريل برساتن سبب گهر ڊٺل آهن سنڌ حڪومت جو ڪو آسرو ڪونهي، سرون ڊبل ريٽ، ڇا بجيٽ ۾ غريبن کي گهر ٺاھڻ لاءِ تعميراتي سامان سستو ڪري ڏيندا، رميش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت کي گُهرجي ته ملڪ جي مسڪين ماڻهن جو به احساس ڪرڻ کپي انهن کي به هر طرح جي سبسڊي ڏني وڃي بجيٽ ۾ سرڪاري کاتن جو پگهار وڌائڻ جي بدران بهتر ايئن رهندو پگهار واڌ جي سبسڊي روز مرهه جياپي جي شين تي لڳائي کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن جئين ته انهيءَ ۾ سڀني جو ڀلو ٿئي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ 75 سيڪڙو عوام سرڪاري ملازمت کان بنا به رهي ٿي اول ته انهن جو به سوچيو وڃي..!! راجڪمار هيراڻي لکيو ته کير 160 کان 200 رپيا ڪلو تائين وڪرو پيو ٿئي اسان جي حڪومت کان اپيل آھي ته ايندڙ بجيٽ ۾ اگھن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي،ڪاشف حسين قاضي، دليپ ڪمار ايسراڻي، صوفي سليم، امتياز علي ۽ فخر الدين کوسا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجيٽ ۾ 450 ارب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رکيا ويا آهن، پنڻ سيکاريندا باقي بنگلاديش وانگر فيڪٽريون نه کولي سگهندا، خدارا ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪريو، ڊاڪٽر راشد کهڙو لکيو ته وفاقي بجيٽ، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جئرام داس لکيو ته ھي بجيٽ عوام دوست ھوندي يا آءِ ايم ايف دوست؟؟؟ جاويد راهمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته 10 جون تي پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ اٽو گيھه کنڊ ۽ ٻيو روز مرهه جون شيون سستون ڪري غريب مسڪينن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. مهر علي لغاري لکيو ته پاڪستان جي واحد بجيٽ هوندي جيڪا اپوزيشن بنا پيش ڪئي ويندي. زوار سليم علي، خان ايم ڪيريو، خالد ڀٽي، زاهد غفور لاشاري ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون.