ڳوٺ باجارا جو نوجوان ڪميشن پاس ڪري ڊي ايس پي بڻجي ويو!

 

سنڌ جي نوجوانن کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي اچڻ گهرجي، ڇو ته تعليم کان سواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ڪرڻ ناممڪن آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڏينهون ڏينهن وڏي پئماني تي نوڪريون اينديون رهن ٿيون، جنهن ذريعي مختلف شعبن ۾ نوجوان اڳتي نڪري سگهن ٿا. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽي امتحانن ذريعي ڪيترائي محنتي نوجوان اهم عهدن تي پهتا آهن جن ۾ سيوھڻ لڳ باجارا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ انتهائي ذهين نوجوان عمير طارق باجاري ڊي ايس پي بڻجي ويو آهي، جڏهن ته مون ڄاڻايل نوجوانن کي اهم عهدن تي پهچندي ڏٺو ته يقين ٿي ويو ته ميرٽ کي ڪير به نظرانداز نٿو ڪري سگهي، ڇو ته ڄاڻايل نوجوان نه محنت ڪري پنھنجي خاندان ۽ ڳوٺ وارن جو نالو روشن ڪيو آهي مطلب سخت محنت ذريعي منزل ماڻي اٿائين، ان ڪري اسان کي گهرجي ته ادارن تي آڱريون کڻڻ بدران پهرين پنهنجو پاڻ تي آڱر کڻي سوال ڪريون ته ڇا اسين ان جا اهل آهيون يا نه؟ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ بهترين ادارو آهي جنهن ۾ محنتي ۽ غريب نوجوانن جون اميدون آهن، ڇو ته غريب نوجوان جيڪي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا، اهي هن اداري ذريعي ئي پنهنجي منزل ماڻي ٿا سگهن.

 

انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ

 

انگريزي تعليم جي راهه ۾ هڪ رڪاوٽ!‎‎

 

تعليم جو بنيادي مقصد آهي ماڻهن کي سيکارڻ ته ڪيئن زندگي گذارجي ۽ اُھا ڄاڻ ڏجي جيڪا انھن کي پنھنجي مقصد تائين رسائي لاءِ گھربل آھي. اھو مقصد سولائيءَ سان حاصل ٿي سگھي ٿو جڏھن اھا ڄاڻ اوھان کي مادري زبان يا اھڙي ٻوليءَ ۾ رسائي وڃي جيڪا اوھان لاءِ ڳالهائڻ، سمجھڻ ۽ لکڻ ۾ سولي ھجي، تنهن ڪري اهو واضح آهي ته ڄاڻ مان اوھان تڏھن فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا جڏهن اھا اوھان کي سمجھ ۾ ايندي. اسڪول ويندڙ ننڍڙن ٻارن لاءِ پنهنجي مادري زبان کي صحيح طرح سان سمجهڻ ڏکيو ھوندو آھي پر پوءِ به انهن وٽ اھڙي ٻوليءَ ۾ ڄاڻ سان ڀريل ڪتاب ھوندا آھن جيڪي کين مڪمل طور تي اڻڄاڻ ھوندي آھي. ها، مان انگريزي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪا اڪثر ٻارن لاءِ پنهنجي ننڍپڻ واري دور ۾ سمجهڻ ناممڪن ھوندي آهي. ٻٽي ٻوليءَ واري نظام ئي ٻارن جي زندگيءَ ۾ ذهنن کي مرجهائي ٿو ۽ انھن کي تعليمي ترقيءَ کي روڪي ڇڏي ٿو. نتيجتن ٻارَ تعليم پرائڻ ان تي تجربا ۽ مشاهدا ڪرڻ بدران رٽو لڳرائڻ شروع ڪن ٿا. رٽو لڳائڻ جو عمل ئي ٻارن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي واري دنيا ۾ اڳيان اچڻ کان رنڊڪ بڻجي ٿو. ننڍڙن ٻارن لاءِ اھو ممڪن ناھي ٿي سگھندو ته اھي اھڙي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪن جيڪا ان پنھنجي ننڍپڻ واري زندگيءَ ۾ ڪڏھن ٻڌي ئي ناھي، ان ڪري اھي ذھني دٻاءَ جو شڪار ٿيڻ لڳندا آھن ۽ ان دٻاءَ جو انت نه پار ھجڻ سبب ئي ٻار رٽو لڳرائڻ شروع ڪندا آهن. جيڪو ان وقت انهن لاءِ اھو ئي ھڪ سولو طريقو ھوندو آھي اسڪول ۾ پاس ٿيڻ جو. انگريزي ٻولي نه رڳو اسڪولن ۾ تعليم جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي پر يونيورسٽي جي سطح کان ڪميشن امتحانن، دفترن، ڪاليجن ۽ ايوانن تائين ڦهليل آھي. جيڪڏهن اسان جو شاگرد اڄ ٻوليءَ واري بحران ۾ ڦاٿل نه ھجي ھا ته اسان به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ترقي پسند ملڪن ۾ شامل ٿي سگھون ھان، جئين چين، جاپان، ملائيشيا، روس، برازيل ۽ ٻيا ڪيترائي ئي ملڪ جن پنھنجي تعليمي يا نصابي ٻوليءَ کي انگريزيءَ سان تبديل نه ڪيو اڄ اھي دنيا ۾ ٽيڪنالوجي پذير ملڪن ۾ شامل آھن.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

 

بلاول ڀٽو جي عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ نمائندگي!

 

سفارتي محاذ تي متحرڪ ۽ ڪامياب هجڻ به ملڪ جي وقار لاءِ اهم هوندو آهي. سفارتي محاذ دور انديش سفارتي نزاڪتن کان مڪمل آگاهي، پرڏيهي ملڪن سان پنهنجي بنياد تي ذاتي بهترين ۽ پراڻن واسطن توڙي عالمي معاملن تي گهري نظر هجڻ سان گڏ ملڪي مفادن جو مڪمل ادراڪ ۽ عالمي سطح جي پرسنالٽي ۽ باڊي لينگويج رکڻ وارو بلاول ڀٽو زرداري کي اهي سڀ شيون ان کي خانداني ورثي ۾ مليون آهن. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ وزيراعظم پاڪستان رهندڙ ۽ ملڪ جي مشهور عوامي سياسي پارٽي جو قائد ذوالفقار علي ڀٽو سان بلاول ڀٽو جو خانداني رشتو آهي تنهن کان سواءِ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪامياب وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فرزند پڻ آهي. شهيد محترمه جنهن پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪئي، ڳالهه اها آهي ته جڏهن کان بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير بڻيو آهي ته ان ٿوري وقت ۾ پاڻ کي عالمي سطح تي مڃرائي ڏيکاريو آهي ۽ اهو هن وقت دنيا ۾ هر ملڪ ۾ پاڪستاني مفاد ۽ ترقي، خوشحاليءَ خاطر پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻي رهيو آهي. تازو آمريڪي دوري دوران جنهن آمريڪا کان اهو مطالبو ڪيو ته پاڪستان کان قرضن جي اوڳاڙي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن جي ڳالهه جو مان رکندي آمريڪا طرفان پاڪستان کان 132 ملين ڊالر قرض جي واپسي ملتوي ڪري ڇڏڻ. گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ خوشي واري ڳالهه آهي. جيڪو پرڏيهي وزير جي ڪوششن ڪري ممڪن ٿيو آهي. مطلب ته پرڏيهي وزير پنهنجون ذميواريون هن وقت احسن طريقي سان نڀائي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه ساراهه جوڳي آهي. جنهن جو مشن اهو رهيو آهي ته جيئن ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي سميت پاڪستان جي عالمي سطح تي ساک معياري ۽ بهتر ٿئي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

خيرپور ۾ منشيات جو وڪرو ۽ پوليس جو ڪردار!

 

خيرپور ۾ ايس ايس پي مير روحل کوسو جي مقرريءَ کان پوءِ جيتوڻيڪ هر نئين مقرر ٿيندڙ ايس ايس پي جي روايت موجب منشيات ۽ نشي آور سوپاريون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائين جو سلسلو تيز ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترن ئي منشيات فروشن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويندو آهي ۽ نشي آور سوپاريون وڪرو ڪندڙن کان پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي کانئن واعدو ورتو پيو وڃي ته اُهي ٻيهر نشي آور سوپاريون وڪرو ڪرڻ وارو ڪاروبار نه ڪندا. ان باوجود منشيات فروش ضمانتون ڪرائي جيل کان ٻاهر نڪري آيا آهن ۽ ٻيهر منشيات جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي نشي آور سوپاريون نه وڪرو ڪرڻ جو واعدو ڪندڙن به پنهنجو ڌنڌو ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي. ماضيءَ ۾ به خيرپور ۾ مقرر ٿيندڙ مختلف ايس ايس پيز پنهنجي مقرريءَ بعد منشيات ۽ نشي آور سوپارين جو ڪاروبار بند ڪرائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون پر اُهي ڪوششون کين مڪمل طور لاڀ نه ڏئي سگهيون. خيرپور ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ کان پوءِ خيرپور جي شهرين سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي روحل کوسو جي ساراهه ته ڪئي پر اُتي ايس ايس پي کي اها صلاح پڻ ڏني ته نه رڳو منشيات فروشن کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائجي پر انهن منشيات فروشن کان ماهوار منٿلي اوڳاڙيندڙ ايس ايڇ اوز ۽ پوليس اهلڪارن کان به پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائجي ته اُهي منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ بند ڪن. مون هڪ انڊين فلم ۾ هڪ ڊائلاگ ٻڌو هو ته “جيڪڏهن پوليس نه چاهي ته ڪو مسجد جي در تان جُتي به چوري نه ڪري سگهي”. واقعي به جيڪڏهن پوليس ڦرلٽ ڪرڻ بدران پنهنجي ڊيوٽي فرض شناسيءَ سان انجام ڏئي ته نه رڳو منشيات جو ڪاروبار مڪمل طور ختم ٿي ويندو پر ڏوهاري وارداتن کي به ٻنجو اچي سگهي ٿو. تنهنڪري ايس ايس پي روحل کوسو کي گهرجي ته پوليس کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن جي به جاچ ڪري ته سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ ڪهڙا هٿ ملوث آهن؟ اهڙيءَ ريت ئي خيرپور کي سماجي براين کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو.

 

زبير سومرو/ خيرپورميرس

 

خيالن جي دنيا!

 

ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو ويٺي ويٺي خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو آھي، بي پناھ خيالن جو سمنڊ انسان کي ڪڏھن ڪڏھن ٻوڙي پڻ ڇڏيندو آھي ۽ حوصلا ٻڏي ٻڏي گھڻي دير کان پوءِ ڪنھن ڪنڌيءَ ڪناري اچي پوندا آھن، ايئن ئي ھڪ ڏينھن ويٺي ويٺي خيالن جي دنيان ۾ گم ٿي ويو ھئس، جنھن ۾ ھن دنيا جي وجود کي ختم ٿيندي ڏٺو هئم، منھنجا سڀ دوست اجنبي ٿي  ويا ھئا سڀئي رشتا ناتا ختم ٿي ويا ھئا. ھڪ ڏينھن سمنڊ ڪناري اڪيلو بيٺو ھئس پويان ڪنھن ڪلھي تي ھٿ رکي چيو “سڀ رشتا ناتا انسان لاءِ ائين ھوندا آھن جيئن سمنڊ جي لھرن لاءِ ڪنارو. جيئن سمنڊ جون ڇوليون ڪناري کي ڇُھي موٽي وينديون آھن، ايئن ئي انسان ھڪ ٻئي جو سھارو وٺي واپس موٽي ويندا آھن. سمنڊ جون ڇوليون ڪوڏن ۽ سپين کي ٻاھر ڇڏي وينديون آھن، ساڳيءَ طرح ماڻھو به ڪجھ انيڪ يادون  ڇڏي هليا ويندا آھن.” پوءِ ھو ھليو ويو، شايد ھو وقت ھو جنھن مون کي سمجھائڻ ٿي چاھيو ھر ساٿ ھر رشتو فاني آھي، يادون به دائمي ناھن. ذھن جي زمين ڪنھن وقت به وساري سگھي ٿي، اھا ھڪ نصيحت ھئي جا وقت مون کي  اڪيلائي ۾ سيکاري ھليو ويو.

 

سرفراز احمد لغاري/ ڳوٺ حاجي احمد لغاري

 

سماجي ڌٻڻ!

 

جمعي تي يونيورسٽيءَ جا ڪلاس وٺي اڳين ٻن ڏينهن جي موڪل لاءِ پوائنٽ بس ۾ گهر ڏانھن روانو ٿيس. مون سان گڏ ٻيو دوست به سيٽ تي ويٺو هو، پوائنٽ ۾ شاگردن جي رش هئي، مون وٽ ڪجھ ناول هئا جن مان هڪ ناول (فاتح مُرڪ) جو مطالعو ڪري رهيو هئس. ٻيا شاگرد به مختلف موضوعن تي ڳالهائي رهيا هئا. مون سان گڏ ويٺل دوست چيو يار ڇڏيو ناول کي اچو ته ٿوري ڪچهري ڪندا هلون. آئون دريءَ واري پاسي کان ويٺو هئس، ٻاھر ٻوڏ سبب ڊٿل گهرن جو ماڻھن جي نقصانن جو سڄو نظارو پي ٿيو. اسان جي ڪچهري جاري رھي ۽ پوائنٽ به پنهنجي رفتار ۾ هلي رهي هئي، ايئن پئي لڳو ڄڻ وقت جي رفتار ڏاڍي تيز هلي رھي آھي. دُنيا اڳي وڌي رھي آھي، نيون نيون ايجادون ٿي رهيون آهن، تعليم جي ميدان ۾ ترقي ٿي رھي آھي ۽ ان رفتار کي ڪنهن جو انتظار ڪونهي. اڳتي هلندي هلندي دري واري پاسي کان اسان جي هڪ ٽرڪ تي نظر پئي جنهن جي پويان ڪنهن هزارن جي تعداد ۾ مرد، عورتون ۽ تعليمي ﺣﻖ کان آجا ٻار به شامل هئا. مون کي ايئن لڳو ڄڻ ته هن ٽرڪ ۾ ويٺل ڪو سنڌي قوم جي نسلن سان کيڏڻ وارو غدار ويٺو آهي ۽ هي ماڻھو ان خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ فرانس جي بادشاهه لوئس سکسٽين جيان سندس سر قلم ڪري شڪست ڏئي رهيا هُجن، يا ته اها خلق انقلاب جي لھر اٿاري رھي هجي يا ته پنهنجي حقن لاءِ گڏ ٿيا هُجن. مون واري دوست چيو يار لڳي ٿو ته اڄ ڪنهن سياسي اڳواڻ جو جلسو آهي، جو ايڏا ماڻهو گڏ ٿيا آهن، مون چيو يار لڳي ٿو ته اڄ ڪا گڙٻڙ آهي، اَڄ سنڌي قوم بيدار ٿي چڪي آهي. ايئن ئي اسان جي ڪچهري جاري رھي ته اڳيان اھو ماڻھن جو لشڪر ڪنهن هلندڙ جنگ جي ميدان ۾ بيٺل نظر اچي رهيو هو، ھر پاسي کان ڌُوڙ اڏامي رھي ھئي پري پري تائين وٺ وٺ جا آواز فضائن ۾ شور مچائي رﻫﻴﺎ ھئا. اسان کي ايئن لڳو ته هي ڪنهن رات جي پيٽ مان فٽي نڪتل انقلاب کان گهٽ ناهي. اسان حيران ٿي وياسين، پوائنٽ جي رفتار به ٿوري جھڪي ٿي، شايد ان تماشي جي ڪري. ايئن لڳو ڄڻ ته اسان جي معاشري جي رفتار به بيهي وئي هُجي. ان ايڏي هنگامي بابت ڄاڻ ملي ته هيءَ قوم ٻاهران پني آيل راشن جي صورت ۾ خيرات وٺڻ لاءِ هاءِ گھوڙا ڪري رھي آھي. جيڪا هن قوم جي نسلن جي گستاخي پي لڳي. اسان حيران ٿي وياسين ته هي اها ڌرتي آهي جيڪا پنج هزار سال پراڻي تھذيب مئن جي دڙي جي ممتا آهي، جيڪا دُنيا جي ثقافتن کي جنم ڏئي چُڪي آهي، ڇا هيءَ مُئن جي دڙي جي مٽيءَ جا وارث اڄ ايڏا لاوارث ٿي چڪا آهن جو خيرات وٺڻ لاءِ ايڏو فخر محسوس ڪري رهيا آهن، ڇا هي اُهي ماڻهو آھن جن جي تهذيب مان انگريز به متاثر هئا؟

 

علي رضا شر/ فيض گنج

 

ڪوس گھر بڻيل سنڌ ۾ سول اسپتالون!

 

سنڌ صوبو شاهوڪار آهي، هتي تيل گئس ۽ ڪوئلو ۽ ڪافي صعنتي ادارآهن پر افسوس ته سنڌ جي عوام کي ٻي ڪا به رليف نه ڏني وئي آهي، خدارا گهٽ ۾ گهٽ سنڌ واسين کي صحت جون پوريون سهولتون ته ڏيو، وڏا چوندا هئا ته ڊاڪٽر مسيحا آهن پر افسوس هن دور ۾ اهي ڪاسائي بڻجي ويا آهن. سنڌ ۾ سول اسپتالن مان هر روز انسانن جا لاش نڪرن ٿا، سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽرن خلاف احتجاج پيا ٿين. تازو اسلام ڪوٽ سول اسپتال ۾ بخار سبب 16 سالن جي نياڻي فوت ٿي وئي، جنهن جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب اسان جي نياڻي فوت ٿي آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ نياڻي کي نانگ ڏنگي ويو، وارث کيس سول اسپتال کڻي آيا، جتي ڊاڪٽرن اهو جواز ڄاڻايو ته اسان وٽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين ناهي، اها نياڻي اتي اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. جڏهن وارثن احتجاج ڪيو ته انهن مٿان ڊاڪٽرن پاران دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، سول اسپتالن جي بجيٽ الائي ڪٿي خرچ ٿئي ٿي؟ جيڪي ڊاڪٽر سرڪاري نوڪريون ڪندڙ آهن انهن جون پرائيويٽ اسپتالون بند ڪيو ويو وڃن ۽ ڊاڪٽرن کي گهرجي ته سرڪاري اسپتالن ۾ اٻوجھ ۽ غريبن لاءِ مسيحا بڻجي غريبن جو علاج ڪن.

 

فرمان علي لغاري/گھوٽڪي

سنڌ ۾ ٻوڏ کان پوءِ وڌندڙ بيماريون ۽ متاثرن جي حالت!

 

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جيڪو مالي ۽ جاني نقصان ڪيو آهي ان جو اندازو ئي نٿو لڳائي سگجي، جيڪا ڊيڄاريندڙ ڳالهه آهي. سنڌ ۾ سوين ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ کان پوءِ بيماريون تيزيءَ سان ڦهلجي رهيون آهن جيڪي خاص طور برزگن، نوجوانن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي حملو ڪن ٿيون. برساتي ٻوڏ کان پوءِ مليريا ۽ اُن جو جلدي دماغ تي اثر ڪرڻ، ڊينگي،گيسٽرو وغيره جنم ورتو آهي. ڪراچي شهر ڊينگيءَ جي لپيٽ ۾ آهي. جنهن جا 100 سيڪڙو ڪيس ظاهر ٿيا آهن. پر سنڌ حڪومت ان خلاف ڪي به اُپاءَ ناهن ورتا جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي. ڊينگي جي چڪ هڻڻ سان ان ماڻهوءَ جي رت جا اڇا جُزا ختم ٿي ويندا آهن جنهن سبب ان جو موت واقع ٿيندو آهي. ٻوڏ کان وڌيڪ نقصان برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ پکڙيل بيماريون ڪري رهيون آهن، جنهن سبب ٿي سگھي ٿو ته صوبي ۾ صحت جي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي پر هن وقت تائين ڪٿي به متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ٽيمون ناهن موڪليون ويون. حقيقت ۾ روڊن ۽ بندن تي ترسيل ماڻهن کي ڪي به سهولتون نه پيون ملن، جنهن ڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن ۽ بيمارين، صحت جي سهولتن جي کوٽ ۽ بکن ۾ پاهه ٿيڻ سبب فوتين جو انگ پڻ لاڳيتو وڌي رهيو آهي.

 

عبدالله ميتلو/ پير محمد ميتلو، قمبر شهدادڪوٽ

ڊينگي ۽ مَليريا تي ڪنٽرول ڪيئن ڪجي؟

 

سنڌ ۾ صحت بابت جنھن به اسپتال ڏانھن وڃبو ته مريضن جو انگ ڏسڻ سان محسوس ٿيندو، ڄڻ سنڌ جا سمورا ماڻھو ھتي اچي گڏ ٿيا آھن، ننڍا توڙي وڏا ھزارين ماڻھو روز جي بنياد تي مختلف ننڍين وڏين بيمارين وائرس جو شڪار ٿيندا رھن ٿا، ڪي وڏيون اھڙيون بيماريون به ھجن ٿيون جو جيڪي ماڻھو نشي جا عادي ھجن ٿا تن کي خاص ڪري پيٽ جي مريضن کي ڪيتري به وڏي بيماري ڇو نه ھجي پر انهن جي ڀيٽ ۾ تنھن مريض کي تڪليف  گھٽ محسوس ٿيندي ھوندي ڇو جو نشي جي عادي ماڻھو کي پنھنجي جسم جي مڪمل صحتمنديءَ جي خبر بلڪل ناھي پئجي سگھندي ته ھو ڪيتري قدر بيمار آھي. نتيجي ۾ بيماري جي آخري اسٽيج تي اچڻ کان پوءِ ماڻھو لاءِ علاج خاطر وقت به نه رھندو آھي. ھنيئر به سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مليريا ۽ ڊينگي وائرس تيزي سان پکڙجي رھيو آھي، جن ڪيترن ئي ماڻھن کان حياتيون کسي ڇڏيون آھن. ھن معاملي تي وڌيڪ صحت جا ماھر ڄاڻي سگھن ٿا پر ڪجھ پڙھيل ڪڙيل ماڻھن جو اھو به چوڻ آھي ته ھڪڙا مَڇر گندگي جيڪري ٿين ٿا جن مان مليريا جنم وٺي ٿي، جڏھن ته ڊينگي بابت اھو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو آھي اھو اڪثر صاف سٿري پاڻيءَ ۾ جنم وٺي ٿو! خير اھو درست يا غلط! آئون نٿي چئي سگھان پر جي ايئن آھي ته پوءِ ڇا ڊينگي کان بچڻ لاءِ ماڻھو گنديءَ جا ڍير گڏ ڪري ڇڏي؟ ڇو جو اسان وٽ ھر شيءِ جي ابتڙ ته ڪئي وڃي ٿي پر اصلي پاڙ کي ختم نٿو ڪيو وڃي. ھر ڳالھ وقتي محدود رھجي وڃي ٿي، مثال: مڇر جي زندگي به مختصر ھجي ٿي پر جيڪڏھن حڪومت چاھي ته مڇرن جي ھر ٻئي ھر ٽئين نسلي پيدوار کان بچي سگھجي ٿو، سنڌ ۾ ڪي اھڙا علائقا آهن جتي سالن جا سال مَڇرمار اسپري ناھي ڪرايو ويندو، جنھن ڪري مون سون، سانوڻي، پاڻياٺ واري ۽ گندگيءَ واري موسم کان سواءِ سياري جي مند ۾ به ماڻھو مليريا جو شڪار ٿيندي نظر ايندا آھن، تنھنڪري حڪومت تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته ٻين وڏين بيمارين تي اوھان کان ڪنٽرول بلڪل به نه ٿي سگھندو پر گھٽ ۾ گھٽ ھر ڇھين مھيني مڇرمار اسپري کي يقيني بڻائڻ توڙي صحت کاتي ھدايت ڪري ان تي عمل ڪرائڻ ڊينگي ۽ مليريا جھڙن وائرسز کان مڪمل  تحفظ ملي سگھي ٿو.

 

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان

مسڻ وڏي مسلستان بڻجي وئي!

 

ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقي جهنڊو مري جي يوسي مسڻ جي شھر مسڻ وڏي ۾ مسئلن جو قبرستان آهي، اهي مسئلا ڪنهن چونڊيل اسمبلي جي نمائندن نه پر ڪجھ لوڪل سياسي ماڻهن ۽ ڪجھ مفاد پرست ماڻھن پيدا ڪيا آهن هتي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ مسئلن تي سياست ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪڏھن ڪا شخصيت بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي هتان جي مسئلن کي حل ڪري عوام کي سهولتون فراهم ڪري ڏيڻ چاهي ٿو سي لوڪل سياسي ماڻهو ۽ مفاد پرست ماڻهو ان جي ڪم ۾ رنڊڪون وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهوئي سبب آهي جو مسڻ وڏي شھر مسئلن جو قبرستان بڻجي ويو آهي. هتي رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار آهي، ڪتن جا ڌڻن جا ڌڻ چوڪ چوڪ تي ويٺل آهن، جيڪي آئي ڏينهن جاني توڙي مالي نقصان ڪندا رهن ٿا. گٽر نالين مٿان قبضا ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري گٽر نالين جي صفائي نٿي ٿي سگهي جنهن ڪري گٽر جو پاڻي هر پنجين ستين ڏينهن نالين مان اٿلي روڊن تي شاخ جيان وھڻ لڳندو آهي، شھر ۾ حددخليون حد کان وڌي ويون آهن، ڪاروباري ماڻهن دڪانن اڳيان ڇپرا ٺاهي وري روڊن تي ڪا ڪئبن رکي وري ڪو ريڙهي وارو بيهاريو ڇڏين، جنهن ڪري ٽريفڪ سميت پنڌ هلندڙ ماڻھن کي به پريشاني ٿئي ٿي. سڄي سنڌ جيان هن شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار سرعام هلندڙ آهي، جن منشيات جي ڪاروبار ڪرڻ وارن جي پٺڀرائي به لوڪل ماڻهو ڪندا آهن، پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو 40 سالن کان حل نه ٿي سگهيو آهي، چونڊيل اسميبلي جا نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ هن شھر ڏي نهارين به ڪو نه، اھڙا ٻيا کوڙ مسئلا آهن جن کي ڪو به حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي. آئون سنڌي جي هن محاوري جيان ته “واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو” هر مسئلي تي لکندو رھا ٿو ته من ڪنهن رب پاڪ جي ڪنهن نيڪ ٻانهي کي مسڻ وڏي واسين تي رحم پوي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪري.

 

محمد قاسم ملاح/ مسڻ وڏي