سوال/سروي … حڪومت پاران راشن ڏيڻ جي دعويٰ رد: گهر ٻڏل، متاثر امداد ۽ علاج لاءِ پريشان آهن: عوام

0
291

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران 24 ڪلاڪن ۾ 68900 ٻوڏ متاثر خاندانن کي راشن بيگس ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ڇا اوهان جي علائقي ۾ متاثرن جي واهر ٿي رهي آهي؟ ڪيمپن ۾ ڇا صورتحال آهي؟ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، علاج جي سهولت ميسر آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومت دعويٰ رد ڪندي چيو ته راشن ڏيڻ جي دعويٰ ڪوڙ آهي، متاثر حڪومت جي آسري روڊن، اسڪولن ۽ ڪيمپن ۾ دربدر آهن، بيمارين کان بچاءَ لاءِ به اپاءَ  ناهن ورتا ويا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز خاصخيلي لکيو ته حڪومت جي اها دعويٰ غلط آهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته حڪومت جي آسري پوري سنڌ روڊن اسڪول ڪيمپن ۾ دربدر آھي حڪومت صرف دعوائن ۾ زنده آھي باقي ڪٿي به نظر نٿي اچي، بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته پنهنجا نوازي وارو ڪم ڪيو هوندن، ناظم علي لکيو ته اسان جي تعلقي باقراڻي يوسي نئين گڏ ۾ اسان ٻرڙن جا ٽي وڏا ڳوٺ آھن جن ۾ نه سنڌ حڪومت نه ڪنهن اين جي اوز ڪا مدد ڪئي آھي، شنڪر لال لکيو ته اسان وٽ ھينئر تائين حڪومت طرفان ڪا به واھر۽ علاج جي سھولت ناهي ملي، اظهر جلباڻي لکيو ته يوسي ھوت خان جلباڻي تعلقو محراب پور ضلع نوشھروفيروز اسان جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾اڄ تائين سرڪاري سطح تي ڪا به امداد نه ملي آھي سرڪاري سطح تي عوام کي ھڪ ڪٽو راشن جو به نه مليو آھي، امتياز لغاري لکيو ته اسان جي ضعلي ٽنڊو الھيار جي تعلقي چمبڙ جي يوسي لانڊي ۾ ڪو به عملي ڪم نه ٿيو آھي،

نظير احمد چاچڙ لکيو ته اسان کي نظر نه آئي پڪ سان پنھنجن مسڪين مائٽن کي امداد سان نوازيائون… علي چنا لکيو ته اسان وٽ ھينئر تائين حڪومت طرفان ڪو به ناهي آيو پوءِ هي اهڙي داعويٰ ڇو ٿا ڪن، نماڻو نوناري لکيو ته ٻوڏ متاثرن کي ڪجهه ناهي مليو، حڪومت جا رڳو حوال آهن، وقار علي لکيو ته اسان کي نه مليو آهي، اسلم وڪو لکيو ته ميهڙ ۾ ڪا واهر ناهي ٿي، علي رضا بوزدار لکيو ته زيرو پوانٽ جي آس پاس جي علائقن ۾ ڪابه سهولت نه آهي ڪوبه نمائندو نه آيو آهي انتظاميا نظر ئي نٿي اچي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته اسان جي تعلقي ڳڙهي خيرو ۾ هن وقت تائين ڪجهه ناهي مليو، اهي حڪومت جون غلط ڳالهيون آهن، ايم اين اي، ايم پي اي، يوسي چيئرمين فنڊن ڪيڏانهن ڪيا؟ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، شفقت علي جروار لکيو ته امن آباد ۾ رڳو پاڻي موڪليو اٿن جنهن ۾ ماڻھو ٻڏن پيا، شيراز احمد لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ۾ اسان وٽ چمڙي جي مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي حڪومت طرفان ڪا خاص واھر ناھي ٿي، عطا دل لکيو ته رڳو ڀوتارن جي مدد ٿي آهي، پر متاثرن جي نه ٿي آهي، قربان عالياڻي لکيو ته گابار ولي فوجي چوڪ ڇور موڙ جي ڀرسان سنڌ حڪومت طرفان ڪوبه ٽينٽ ناهي ڏنو ويو، ڪيترائي ماڻھو کلي آسمان هيٺ پريشان آھن، ماڻھن پنهنجي مدد پاڻ سپورٽ ڪئي آھي، پاڻي به نه نڪري سگهيو آھي،سردار شاھ طرفان ڪيل ڪوششون سياست جي ور چڙھي ويون آھن، نصرالله خان لکيو ته غلط ڳالهه ڪئي وئي آهي، بلاول علي لکيو ته يوسي نورپور ۾ اڃا ناھي مليو، گلاب غازي لکيو ته ٽنڊو جان محمد ۽ ڀر جي عوام کي انتظاميا بي يارو مدد گار ڇڏي ڏنو آھي جڏھن ھن وقت تائين به اڌ شھر ٻڏل آھي ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ مڪمل پاڻي ھيٺ آھن پر سنڌ حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي، سعيد بروهي لکيو ته سڀ ڪوڙ آهي، احسان علي چانڊيو لکيو ته تعلقي خيرپورناٿن شاھ ۾ يوسي مٺوٻٻر جي ڳوٺ گل محمد چانڊيو ۾ سرڪار طرفان راشن ڏيڻ جو ڪو نالو نشان ئي ناهي، سرڪار اگهور ننڊ ستل آهي مقامي چونڊيل نمائندا ڳوليا ڪونٿا لڀن عوام سورن ۾ آھي، قربان مهر لکيو ته ھر يوسي چيئرمين پنھنجا نوازي ۾ پورا آھن

عام متاثر ٿيل بي يارو مددگار آهي، لياقت علي لکيو ته ادا الله کي ياد ڪيو الله ڏيندو، فاروق سونو جت لکيو ته سڀ ڪوڙآ، من پسند ماڻھن کي نوازيو ٿو وڃي، شفيق احمد ڀٽو لکيو ته يوسي ڀورٽي ۾ اڃان ناهي آيو، محمد علي مهيسر لکيو ته سڀ ڪوڙ آهي، لونگ ڀيل لکيو ته اسان کي نه مليو آهي، الهوسايو شنباڻي بلوچ لکيو ته ٿر ۾ مدد ناهي ٿي، اي آر سميجو لکيو ته سنڌ ۾ رڳو ڪٽ ڏنو اٿن، راشن ڪو نه ڏنو اٿن، پاڻي جام آهي گهر نه آهن، عوام بک ۾ مري رهيو آهي، راشن وڏيرا کائي ويا، سنتوش ڪمار لکيو ته متاثرن کي ڪيمپن ۾ جيڪو کاڌو ملي رهيو آهي اهو ئي حڪومت جو راشن آهي، باقي مليريا ڊينگي پکڙجي وئي آهي مريضن جي ڪا واهر نٿي ٿئي، ايس ڊي بلوچ لکيو ته رڳو حوالا ڏيڻ ۾ پورا آهن ڪير ظاھر ئي ڪونھي تعلقي مانجهند ضلعي ڄامشوري ۾ غريب طبقو پريشان آهن چوماسي مينھن ۽ سيلاب کانپوءِ بيمارين منھن ڪڍيو ڳوٺ عيسب خان بليلاڻي کوسو جا رهواسي ڪنھن مسيحي جا منتظر آھن سندن گھر ڊھي پٽ ٿي ويا کلي آسمان هيٺ بقايا زندگي گذاري رهيا آهن، انصار علي جلباڻي لکيو ته اسان جي تعلقي سجاول جوڻيجو ضلعو قمبر شهدادڪوٽ يوسي عرضي ڀٽو ۾ اسان جلباڻين جا ست وڏا ڳوٺ آھن جن ۾ نه سنڌ حڪومت نه ڪنهن اين جي از ڪا مدد ڪئي آھي ۽ چمڙيءَ جي بيمارين ۽ مليريا تمام گهڻي ٿي وئي آهي حڪومت سنڌ طرفان بچاءَ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن سڄي تعلقي سجاول جوڻيجو ۾ اھو آزار آهي، غلام نبي بلوچ لکيو ته هتي ڪوڙ کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ سچ کي ڪوڙ سمجهيو ويندو آهي، ارشاد کوسو لکيو ته تعلقي خيرپورناٿن شاھ ۾ سرڪار طرفان راشن ڏيڻ جو ڪو نالو نشان ئي ناهي، مختلف بيمارين ۾ خيرپورناٿن شاھ جا 30 کان وڌيڪ ماڻهون مري چڪا آهن سرڪار اگهور ننڊ ستل آهي. محمد بچل شر لکيو ته وڏيرن پنهنجن ماڻهن کي راشن ڏنو آهي، فقير پڃل ملاح لکيو ته 22 ڏينهن پهريان دين پور روڊ تي آرمي پاران ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي پر اڃا تائين حڪومت ٻوڏ متاثرن جي ڪا واهر ناهي ڪئي،

سنڌ سرڪار جي دعويٰ ڪوڙي آهي، سعيد رونجها لکيو ته پيرڪيهور ۾ ڪابه امدادي ڪاروائي شروع نه ٿي آھي متاثرين کي اڃا ٽينٽ به نه مليا آھن کليل آسمان هيٺ بند تي ويٺل آهن. نظير علي لکيو ته سڀ ڪوڙ آهي، وفا جميل لغاري لکيو ته مسڻ وڏي ۾ سرڪار طرفان ڪجھه به ڪونه مليو آھي، حاجي نياز حسن کهارو لکيو ته ڪي اين شاهه ۾ ماڻهو بک تي آهن، اظهر علي حاجاڻو لکيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه ڀيرا ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، گل محمد خاصخيلي لکيو ته اسان جي ڳوٺ حاجي گل حسن مري ۾ ڪو به ڪم ناهي ٿيو، علي محمد قاضي لکيو ته عوام کي ڪجهه نه  مليو آهي سنڌ سرڪار ڪجهه نه ڏنو آهي، عبدالجبار لوڍو لکيو ته راشن صرف من پسندن کي ڏنو ٿو وڃي، امتياز علي لکيو ته ڪوڙي دعويٰ آهي، عبدالقادر بروهي لکيو ته سڀ ڪوڙ آهي، ثناءُالله علي لکيو ته ڪجهه ناهي مليو، عمران علي لکيو ته اسان راشن ڏٺو ئي ناهي، لالا علي مردان ڏهر لکيو ته اسان جي تعلقو ڪوٽڏيجي يوسي نصيرفقيرجلالاڻي ۾ حڪومت طرفان 10 رپين جي ڪا به شيءِ ناهي پهتي، ناز نظر محمد بروهي لکيو ته سڀ ڪوڙ آهي،

خادم ايچ سومرو لکيو ته ڪنهن به قسم جي واهر نه ڪئي پئي وڃي ڏوڪري تعلقي ۾ انتظاميا نالي ڪا شئي ناهي، غلام حيدر بلوچ لکيو ته برساتن کان پوءِ ھڪ مھرباني ڪئي اٿن ته رستن کي ڪٽ هڻي ڇڏيا اٿن، غلام ياسين لکيو ته تعلقي قبو سعيد خان ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان خاصخيلي بيوس بڻيل آهي ويئر ھائوس تي ايم پي اي صاحب جا خاص ماڻهو پنھنجا نوازي ڪري رھيا آھن تعلقي قبو سعيد خان جي ٻوڏ متاثرن جو سامان بلوچستان جي علائقي جھل مگسي ڏي شفٽ ٿي رھيو آھي گوادر باءِ پاس تي ويٺل متاثر بي يارو مددگار بڻيل آهن، ڪامران علي رند لکيو ته اسان وٽ ڦل شھر ۾ مليريا وگهي فوتگي به ٿي آهي پر مليو ڪجهه به ناهي مليو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان کي راشن بيگس ڪجهه به ڪونه مليو آهي سڀ وڏيرن کي مليو آهي، مير جاسم بلوچ لکيو ته يوسي ڪوٽ لالو۾ اڄ تائين ڪنھن کي ڪجھه به نه مليو آھي سرڪار جي طرف کان، اظهر علي حاجاڻو لکيو ته شڪارپور ۔ پي ايس ست شڪارپور ۾ صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جن جي ڪوشش سان ڪافي ماڻھن کي راشن ، ترپال ، ٽينٽ ، مڇردانيون ڏنيون ويون آھن، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته ڪنهن به قسم جي واهر نه ڪئي پئي وڃي ٽنڊي باگي تعلقي ۾ انتظاميا نالي ڪا شئي ناهي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته ڪا واهر ناهي ٿي، عبدالحڪيم چانڊيو لکيو ته پهرين ڏينهن کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين يوسي پنهوارو تعلقو قمبر ۾ آڻي موٽائي ويندا آهن ڏيندا ڪنهنکي به ڪونه آهن.سليم احمد لکيو ته تعلقي خيرپورناٿن شاھ ۾ سرڪار طرفان راشن ڏيڻ جو ڪو نالو نشان ئي ناهي، بابو بلوچ، نور خان لنجواڻي، علي حسن، اسلم ميتلو، ايم رحيم، محمد آصف بلوچ، دريا خان کوسو، شيرگل خاصخيلي، غلام نبي بلوچ، غلام قدير جوڻيجو، حماد ڄامڙو، اظهر علي حاجاڻو، ضمير کرل، تنوير ڊيهو، قمر عباس ٽالپر، احمد شاهه، عقيل چانڊيو، رائق نوناري، عبدالنبي، علي احمد گبول، محمد اشرف، شاهد ڳاهو، مختيار لاکير، محمد علي، بلاول، خالق خاصخيلي، افسان علي سومرو، زريات بجاراڻي،، عباس علي چانڊيو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.