سرڪار آبادگارن جو ربيع جو فصل بھ وڃائيندي ڇا؟

0
151
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

 سنڌ برساتي ٻوڏ کان تھ بچي نھ سگھي جنھن جو جواز  حڪمران  اھو پيا ڄاڻائين تھ برساتون معمول کان تمام گھڻيون وڌيڪ ھيون جنھن ڪري ٻوڏ کان بچاءُ ممڪن ئي نھ ھو .جنھن ڪري ھن وقت سڄي سنڌ ڪجھھ شھرن کي ڇڏي ڪري پاڻي ھيٺ آھي ۽ تقريبن مھينو گذرڻ باوجود اھو پاڻي نيڪال نھ پيو ٿئي.سنڌ زرعي صوبو آھي ۽ انھي جي آبادي جي اڪثريت جو دارمدار انھي زراعت تي ئي آھي  يا انھي جو واپار بھ زرعي معيشت تي ڀاڙي ٿو، جيتري زرعي اپت وڌيڪ ٿيندي اوترو ئي ڪاروبار يا واپار کي فائدو ٿيندو آھي.ايئن چئجي تھ زرعي توڙي واپاري خوشحالي ھڪٻئي سان ڳنڍيل آھن تھ غلط نھ ٿيندو.ھن وقت سنڌ جي زراعت نوي سيڪڙو تباھھ ٿي چڪي آھي جنھن نقصان جو ازالو شايد ئي ڪڏھن ٿي سگھي. آبادگار اھو سور پي ھاڻي ربيع جي فصل جو آسرو ڪيون ويٺا ھئا پر ھاڻي اچي اھو خطرو پيدا ٿيو آھي تھ اھو ربيع جو فصل بھ شايد ئي ٿي سگھي. ڇاڪاڻ تھ زرعي زمينن مان اڃا تائين پاڻي نيڪال ئي نھ ٿي سگھيو آھي، جيڪڏھن اھو پاڻي نيڪال نھ ٿيو تھ سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو ۽ صوبو ڪيترا سال پوئتي ھليو ويندو. ڇاڪاڻ تھ  پاڻي نيڪال نھ ٿيڻ ڪري ربيع جو فصل نھ ٿي سگھندو ۽ ٻڏي ويل برسات متاثر لاءِ جياپي جي  آخري اميد اھو ربيع جو فصل آھي جيڪڏھن اھو بھ نھ ٿيو تھ آبادگار تھ پريشان ٿيندا ئي ٿيندا پر صوبي ۾ بھ خوراڪ جو بحران ڪر کڻي سگھي ٿو.

سنڌ جي  زراعت کاتي صوبي جي 50 سيڪڙو زرعي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آھي، ربيع جي سيزن لاءِ آبادگارن ۽ ھارين کي ٻج ۽ ڀاڻ مفت ڏيڻ جي سفارش بھ ڪئي وئي آھي، ان حوالي سان زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ  چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکي 15 آڪٽوبر کان 15 ڊسمبر تائين ٿيندي آھي، ڪجهه ضلعن جون زمينون ربيع جي پوکي لاءِ تيار آهن، مختلف ضلعن جي انتظاميا پاران زرعي زمينن مان پاڻي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي هلندڙ مهيني پاڻي نيڪال ٿيو ته 70 کان 75 سيڪڙو پوک جو امڪان آهي،ھي انگ اکر بھ انھن سرڪاري دعوائن جھڙا آھن  جيڪي  رليف جي ڪمن  بابت ڪيون ويون آھن يعني رڳو ڪاغذن جا پيٽ تھ ڀريل آھن پر زميني حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ نظر اچي رھيون آھن. اڄ بھ ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ تحت بندن روڊن رستن تي پکڙا اڏي ويٺل آھن ۽ کائڻ لاءِ امدادي ڪمن جي آسري ۾  آھن جڏھن سرڪاري انگ ڏسجن ٿا تھ لڳي ٿو تھ حڪومت سڀني ٻوڏ متاثرن تائين پھچي وئي آھي. ايئن پاڻي نيڪال بابت  سرڪار جيڪا دعويٰ ڪري رھي آھي تھ گرائونڊ تي ان جي ابتڙ صورتحال نظر اچي رھي آھي. قبو سعيد خان کان وٺي سيوھڻ تائين سنڌ جو ساڄو پاسو اڄ ڏينھن تائين بھ پاڻي ۾ ٻڏل آھي، جڏھن تھ ميرپورخاص بدين عمرڪوٽ سانگھڙ نوابشاھھ خيرپور نوشھروفيروز جون ٻھراڙيون بھ پاڻي ھيٺ آھن جڏھن تھ جھڏو ، ڪي اين شاھھ ۽ ٺري ميرواھھ جھڙا شھر پاڻي ۾ ٻڏل آھن.ساڄي پاسي وارو پاڻي تھ منڇر ۾ ڇوڙ ٿي رھيو آھي پر پوءِ بھ انھي جي سطح گھٽ نھ پئي ٿئي، لاڙ پٽي ۽ کاٻي پاسي تھ پاڻي جو ڪو نيڪال ئي ناھي نھ ئي سرڪار ان کي رستو ڏنو آھي تھ پوءِ سرڪار اھا دعويٰ ڪيئن ٿي ڪري سگھي تھ 50 سيڪڙو زرعي ايراضي مان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آھي.

اسان سمجھون ٿا تھ سرڪار غلط بياني ڪري ھڪڙي ٻي الميي جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي رھي آھي.ھن وقت سنڌ ۾ بچي ويل علائقن کانسواءِ ڪٿان بھ پاڻي نيڪال نھ ٿيو آھي  جو دعويٰ ڪجي تھ اتي ربيع جو فصل ٿي سگھندو،سرڪار وٽ ٻھ ھفتا مس بچيا آھن جنھن مان لڳي نھ ٿو تھ اھو پاڻي مڪمل طور نيڪال ٿي سگھندو. جيڪڏھن سرڪار رڳو ايئن دعوائون ڪندي رھي ۽ زميني حقيقتن کي نھ ڏٺو تھ خوراڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو، ٻيو تھ ماڻھن وٽ ڪجھھ بچيو ئي ناھي .تنھن ڪري سرڪار ڪامورن جي ڏنل انگ اکرن جو  ٻيھر جائزو وٺي زميني حقيقتون ڏسي ۽ پاڻي نيڪال جي بندوبست لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي ۽آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ مفت  مھيا ڪرڻ کي يقيني بڻائي تھ جيئن ربيع جو فصل پوکي سگھجي.