سيڪريٽري تعليم ڏانهن کُليل خط!

مانائتا سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ، اُميد ته خوش هوندا. مانائتا سائين! مُنهنجي لکڻ جو مقصد اوهان کي ڪُجھ ڳالهين جي نشاندهي ڪرائڻ آهي، ٿي سگهي ٿو اوهان جي علم ۾ اُهي نه هجن سائين جيئن ته سنڌ حڪومت 2012ع ۾ سَڄي سنڌ ۾ ادر ڪيڊر استاد ڀرتي ڪيا هئا ۽ انهن استادن ۾ ايس ايل ٽي، او ٽي، ڊي ٽي، ڊبليو آءِ، بايو ٽيچر ۽ ٻيا استاد شامل آهن، جن کي ڀرتي ٿي 9 کان 10 سال گذري ويا آهن، جيڪي استاد گذريل 9-10 ورهين کان ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن. انهن ڀرتي ۾ اڪثر ضلعن جي استادن جون پگهارون به جاري ٿي ويون ۽ اڄ به اُهي استاد پگهارون کڻي رهيا آهن پر بدقسمتيءَ سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجھ ضلعن جي استادن سان اُن وقت جي دبنگ سيڪريٽري پگهارن کان متاثر ضلعن جي ڊي اوز کان پئسا گهريا هئا، نه ملڻ جي صورت ۾ متاثر ضلعن جي استادن جون پگهارون جاري نه ڪيون ويون، باقي جن ضلعن جي ڊي اوز پئسا ڏنا هئا، انهن ضلعن جا استاد اڄ به پگهارون کڻي رهيا آهن. مانائتا سائين! اوهان جي اچڻ جي خبر پوڻ تي متاثر ضلعن گهوٽڪي، ڪراچي، سکر، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ جي استادن پاران سرهائي محسوس ڪئي وئي ته اوهان مظلوم استادن جي دادرسي ڪري کين  پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪرائيندئو، اها اُميد کڻي سنڌ جا استاد اوهان ڏانهن وانجهائين پيا! سائين اُن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوهان غريبن جا همدرد ۽ انسانيت جا پيروڪار آهيو اوهان بنا ڪنهن لالچ استادن جي مسئلن کي حل ڪري رهيا آهيو، يقينن! اُن جو اجورو رب اوهان کي ضرور ڏيندو. سائين! هڪ نظر استادن توڙي استادن جي ٻچن تي وجھو ته جيئن اوهان کي انهن جي حال جي خبر پوي ته اُهي ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته 10 ورهين دوران پگهار ملڻ جي آس کڻي ڪيترائي استاد هي جهان ڇڏي ويا آهن ۽ انهن جا ٻچا بکن ۾ پاهه پيا ٿين. تنهنڪري خدارا! اوهان استادن جا همدرد ٿي استادن جي پگهارن لاءِ ڪم ڪري ڏيکاريو جيئن استاد پگهارون کڻي پنهنجي ٻچن جون فرمائشون پوريون ڪري سگهن.

استاد سڌير ڇڄڻ/گهوٽڪي

سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ جون تباهڪاريون!‎‎

سنڌ جي مسئلن تي لکڻ لاءِ جڏھن قلم کڻي اخبار اڳيان رکي ويھجي ٿو ته مسئلن کي ڏسي ٻئي ھٿ مٿي تي اچي وڃن ٿا، ڪافي وقت تائين ان ڪيفيت ۾ رھجي ٿو ته“ايک انار سئو بيمار” ھڪ قلم، ھڪڙو مان ڪيئن پورو پوان؟ واري ڪيفيت ٿي وڃي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ انتھائي خطرناڪ ايڊز ۽ ڪينسر کان به وڌيڪ نقصان پھچائيندڙ بيماري ڪاري ڪامڻ آھي. سرڪاري سروي ۾ واضح ٿيو آھي ته ھر سال دنيا ۾ 20 کان 30 لک ماڻهو ھن موذي مرض سبب موت جي کاڄ بڻجن ٿا. اسان وٽ اھڙن ماڻھن جي به کوٽ ناھي جيڪي مھانگائي سبب بيماري ۽ معذوري سان ٺاهه ڪرڻ تي مجبور آھن. صحت جون سهولتون عوام تائين پھچائڻ ھر ملڪ جي حڪومت جي اولين ذميواري ھوندي آھي. اسان وٽ به ھر حڪومت صحت جي شعبي ۾ اھم قدم کنيا آھن ۽ ڪيترائي منصوبا معتارف ڪرايا ته جيئن علاج جي عمل کي بھتر بڻائي سگھجي پر افسوس جو عوام حڪومت پاران کنيل اھڙن قدمن مان فيض ماڻي ناهي سگھيو. ڪرپشن، نااھلي، غفلت ۽ مھانگائي سبب غريب عوام کي بيماري سان ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏين. سرڪاري اسپتالن مان مفت علاج ڪرائڻ به رڳو چوڻ جي ڳالھ آھي، جڏھن ته اھڙن اسپتالن جو رخ ڪرڻو پوي ٿو ته اندازو ٿي ويندو آھي ته علاج ڪڏھن به مفت ۾ ناھي ٿيندو، سرڪاري اسپتالن کي اڪثر ڪري غريب ماڻھو اوليت ڏيندا آھن ته جيئن ڊاڪٽرن جي فيس تي وڏي خرچ کان بچي سگهن ۽ دوائون به مفت ملن پر جڏھن ھڪ غريب سرڪاري اسپتال تائين پھچي ٿو ته ڊاڪٽر مريضن جو مرض جاچي ته وٺن ٿا ته ھي مرض ڪھڙي طرح ۽ ڪيتري وقت ۾ ٺيڪ ٿيندو پر جيڪڏھن اھي صحيح انگ اکر ٻڌائيندا ته پوءِ انھن جو ڪاروبار ڪيئن ھلندو؟ يعني گھوڙو گاھ سان دوستي ڪري ته کائيندو ڇا؟ غير معياري ۽ جعلي دوائن جو ڪاروبار هتي پاڙون پڪڙي ويو آھي، پر حڪومت ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي، اسان جي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ صحت جي وزير کان مطالبو آھي ته ھن موذي مرض طرف ڌيان ڏئي وڌيڪ جانيون زيان ٿيڻ کان بچايون وڃن.

بجار خان جعفري/ ڪرمپور

سيٽلائيٽ ۽ انٽرنيٽ جي دنيا!‎‎

دنيا جيتري تيزيءَ سان ھر روز ڏينهن ترقي ڪري رهي آھي ان ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو اھم ڪردار آھي، آمريڪا طرفان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ تيز ترين سيٽلائٽ انٽرنيٽ متارف ڪرائي وئي آھي، گذريل سال اسٽارنيٽ ڪمپني خلا ۾ 43000 ھزار انٽرنيٽ سيٽلائٽ موڪيا آھن، جيڪي ايندڙ سال باقاعدي ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، جنھن سان توھان جر جھنگ جبل سمندر مطلب دنيا جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪم ڪندي ۽ تيز ترين بغير ڪنھن رنڊڪ جي انٽرنيٽ استعمال ڪري سگھندا، ويجھي مستقبل ۾ جيئن اسان ٽيپ جي ڪيسٽن کي وساري ميموري ڪارڊ طرف ھليا ويا آھيون ايئن ئي موبائل انٽرنيٽ ۽ پي ٽي سي ايل کي وساري ويھنداسين ۽ دنيا جو ھر ڪاروبار تيزيءَ سان انٽرنيٽ ڏانھن وڌي رھيو آھي. مستقبل جا نيوز چينل ۽ تفريح مھيا ڪندڙ چينل توھان انٽرنيٽ تي ڏسي سگھندا، پاڪستان ۾ به ماڻھو ان سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جي سھولت پڻ حاصل ڪري سگھندا، جيڪا اسان فور جي ۽ فائيو جي انٽرنيٽ استعمال ڪري رھيا آھيون سيٽلائٽ انٽرنيٽ ان کان سئو سيڪڙو تيز ھوندي ۽ اھڙي طرح سڄي دنيا ۾ وڇايل سئو سال پراڻي تار واري انٽرنيٽ مان جان ڇٽي پوندي، جيڪا صحيح نموني سان نٿي ھلي، دنيا تيز آھي ان تيزيءَ سان اڻ ڳڻيون ايجادون ٿي چڪيون آھن ۽ اڳتي به ٿينديون رهنديون.

فرخ حسين جمالي/لاڙڪاڻو

ضلعي سجاول جي بجيٽ آخر ڪيئن ۽ ڪٿي پئي خرچ ٿي؟

ضلعي سجاول جي ڪروڙ رپين جي بجيٽ هر سال ڪاغذي ڪارروائي ۾ پيش ڪئي ويندي آهي، ڪاغذن تي ٿلهن ۽ وڏن ڪارن اکرن ۾ بجيٽ ايئن پيش ڪئي ويندي آهي ڄڻ سجاول ضلعو پئرس بڻجي ويو آهي، سجاول ضلعي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به ترقياتي ڪم نٿو ٿئي. هر سال ڪروڙين رپين جي بجيٽ ضلعي ڪائونسل، ڊي سي سجاول ۽ ٻيا واڳون ڳڙڪائي وڃن ٿا. ڊي سي سجاول کي جي هٽايو نه ويو ته ڊي سي سجاول هر سال جي بجيٽ ايئن ئي هڙپ ڪندو رهندو جيئن زرداري سڄي سنڌ کي کپائي هڙپ ڪري ويو آهي. هتي ضلعي ڪائونسل به بجيٽ سان گهٽ ناهي ڪئي، هر سال جي بجيٽ صرف حصن پتين ۾ ورهائي پاڻ کڻي ٿا وڃن. سموري ضلعي سجاول جي صحت ۽ تعليم جو نظام تباہه لڳو پيو آهي. هتي هزارين ڳوٺ بجلي ۽ لنڪ روڊن کان محروم آهن، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ سبب ماڻهو پنهنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور آهن پر افسوس جو هتي نوجوانن کان نوڪريون به کسي پئسن عيوض ٻاهرين ماڻهن کي ڏنيون وينديون آهن. سڀني جا حصا پتيون نڪرن ٿا، جنهن سبب سڀئي چپ آهن. هتي ڪير به غريبن جو همدرد ناهي نه ئي ترقياتي ڪمن طرف ڪنهن جو ڌيان آهي، بس صرف مختلف قسمن جون گڏجاڻيون ڪري اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته ڪيتري رقم ڪنهن ڪنهن کي ڏيڻي آهي. هتي هڪ اسڪول جي عمارت 11 سالن جي لاڳيتي جاکوڙ کان پوءِ به نٿي ڏني وڃي. روڊ رستا تباهه حال آهن پر اهي وري ڇو ٺهن جڏهن ته بجيٽ انهن جي کيسي جي ئي پورت ناهي. ڪو آهي جيڪو هنن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي ۽ بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي ان جو حساب ڪتاب وٺي؟

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

اڃا  رنڃ مان رڙ اچي، اچي ٿي متان ڪير سمجھي مئا مور سارا!

جي يو آءِ سنڌ جو اڳواڻ مولانا راشد خالد محمود سومرو ڪراچي کان پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي، باءِ روڊ انڊس هاءِ وي تان سفر ڪري رهيا هئا ته رات جي مانيءَ جو وقت ٿي ويو، ساٿين سان صلاح بعد سيوهڻ جي ڪنهن مقامي هوٽل تي جڏهن مانيءَ لاءِ پنهنجي قافلي سميت بيٺا ۽ هوٽل تي ويهي ننگر جو انتظار ڪرڻ لڳا ته سامهون بيٺل پنهنجي گاڏي ڏي نظر ڪيائون ته هڪ 10 سال جو معصوم ٻارڙو راشد صاحب جي گاڏي کي ڪپڙي سان صاف ڪري رهيو هو، راشد صاحب اهو منظر ڏسي هوٽل جي ٽيبل تان اٿيا سڌو وڃي مسڪين ٻارڙي کي چيچ مان وٺي مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرايو، معصوم پنهنجي معصوماڻي انداز سان جواب ڏنو سائين اسين غريب ٻه ڀائر آهيون، سڄو ڏينهن ڪپڙي سان هوٽل تي بيهندڙ مسافرن جي گاڏين کي صاف ڪندا آهيون، شام ڌاري 4، 5 سئو رپيا ملي ويندا آهن، جيڪي گهر کڻي وڃي امڙ حوالي ڪندا آهيون جنهن مان گھر جو گاڏو هلي پيو، جنهن ڏينهن لاڪ ڊائون وغيره هوندو آهي ته ان ڏينهن بک تي سمهندا آهيون، معصوم ٻار جو دردناڪ ڪهاڻي ٻڌي عيني راشد غمگين ٿي ويا ۽ ٻارڙي کي وٺي اچي پنهنجي ٽيبل تي ويهاري پاڻ سان گڏ ماني کارايائون، بعد ۾ معلوم ٿيو ته هوٽل تي ان معصوم جو چاچو پڻ محنت مزدوري ڪندو آهي، جنهن کي گهرائي چيائون ت، چاچا هنن معصومن کي مان سيوهڻ جي ڪنهن اسڪول ۾ پنهنجي خرچ تي داخلا وٺي ٿو ڏيان، يا هنن کي لاڙڪاڻي موڪليو ته منهنجي مدرسي ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪن، ٽي وقت مفت ماني مفت رهائش سان گڏ روز جي بنياد تي 500 يعني مهيني ۾ گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ هنن کي (15000) به ڏيندس، جنهن بعد معصوم ٻارڙن جي مرجهايل چهرن تي مرڪ موٽي آئي. خوشي سان آڇ قبول ڪئي. دوستو يقين ڪيو راشد صاحب جي ان عمل مون سميت سنڌ جي نوجوانن ۽ غريب ماڻهن کي اتساھ بخشيو ته اڃا به سنڌ ڌرتي تي ڪي اهڙا ليڊر سنڌ ۾ شهيد بشير خان قريشي ۽ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جھڙا موجود آهن جيڪي، پنهنجي ڌرتيءَ جي عوام جي درد کي سمجهي سگهن ۽ سنڌ جي غريب عوام کي سورن مان ڪڍي سگهن ٿا.

مير شاهجهان کوسو/مانجھند، ڄامشورو

واپڊا وارن جي بدمعاشي آخر ڪيستائين؟

رتوديرو شھر ھاڻي لاوارث بڻجي چڪو آھي، جڏھن ڳالھ ڪنداسين محلي فتحپور جي ته ھي محلو پوري شھر ۾ بجلي ھوندي به بجليءَ کان محروم بڻيل آھي، پوري شھر ۾ بجلي ھوندي آھي پر رڳو اسان ويٺا گرمي ۾ لوڙيون پيا، جڏھن ته ھر مھيني اسان جي بجلي ڪاٽي ويندي آھي، اسان ھر مھيني ڀتو ڏئي بجلي ھڻائيندا آھيون، ڪجھ ڏينهن پهريان اسان ڀتو ڏنوسين ھاڻي وري ٻيھر اسان جون تارون ۽ 11 ھزار ايل ٽي ڪاٽي ويا آهن، سبب خدا کي خبر آهي ته ڀتو ڏيڻ باوجود به اسان جي بجلي ڇو ڪاٽي وئي آهي، خدارا اسان سان ظلم ڪرڻ بند ڪريو.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

گھوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ منشيات جو ڪاروبار!

اسان جي معاشري ۾ منشيات جو مرض ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، نوجوان نسل تباھي جي ڪناري ڏانهن وڌي ويو آهي، منشيات واپرائڻ سبب هن وقت ڪيتريون ئي جانيون موت جو کاڄ بڻجي ويو آهن. هن وقت گھوٽڪي ضلعي جي هر ننڍي توڙي وڏي شھر ۽ ڳوٺن ۾ ڪچي شراب، چرس، آفيم، ڀنگ ۽ ٻين نشي آور شين جو واهپو تمام گھڻو وڌي ويو آهي، جيڪو نئين نسل لاءِ تمام انتهائي هاڃيڪار آهي، منشيات جي وڌندڙ ڪاروبار ۾ پوليس جو وڏو هٿ آهي، منشيات جي وڏن اڏن توڙي اڏن تي پوليس جي منٿلي مقرر ٿيل آهي، ضلعي گهوٽڪي ۾ نشي جو سرعام وڪرو پوليس جي مهربانين جو نتيجو آهي. پوليس منٿلين جي ڪري منشيات جو معاشري ۾ وڌڻ جو ڪارڻ به آهي. آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن اختيارن کي اپيل آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کڻي منشيات جي وڌندڙ ڪنڌي ڪاروبار کي روڪيو وڃي ته جيئن نوجوان نسل جون قيمتي جانيون بچي سگهن.

فرمان علي لغاري/گهوٽڪي

ڪامريڊ، نوجوان ۽ چڱو مڙس!

چڱو مڙس: ڪامريڊ ڪر خبر اوھان جي ڪامريڊي ڪٿي پھتي ڪو فائدو ٿيو اٿو يا نه؟ ڪامريڊ نوجوان: جيستائين چڱ مڙسي جي پڳ ٻڌي اوھان جھڙا ڀوتارن جا در جھليندا رھندا تيستائين اسان جي ڪامريڊي پنڌ ڪندي رھندي ۽ فائدي جي ڳالھ اوھان جھڙا چڱا مڙس ڪندا، ڇو جو توهان جھڙن ڌرتيءَ کي کائي ڏٺو آهي، محبت ڪرڻ وارا فائدو ناھن ڳوليندا؟ چڱو مڙس: تو جھڙن جي حيثيت نه ھوندي آھي. ڪامريڊ نوجوان: حيثيت جي ضرورت اھڙن بدبودار ۽ بي ضميرن جي سماج ۾ اسان جھڙن جي ڪڏهن نه سڃاتي ويندي آهي اھا تاريخ طئي ڪندي سائين. چڱو مڙس: اوھان جو مٿو خراب ٿيل آهيم ٻيو ڪجھ ڪونهي. ڪامريڊ نوجوان: ھر دور جو چڱو مڙس پنھنجي ڏاڍ مڙسي ڏيکاريندو آهي ۽ ھر دور ۾ ڪامريڊ ان ڏاڍ خلاف وڙھندا آهن. چڱو مڙس: پوءِ ڪھڙو فائدو ٿيو انھن کي ھيستائين؟ ڪامريڊ نوجوان: فائدو اھو ٿيو ته تاريخ اڄ به عظيم انسانن کي ياد ٿي ڪري ۽ ڌرتي انھن ضمير فروشن کي ميساري ڇڏي ٿي جيڪي ڌرتي کي کائين ٿا. چڱو مڙسٽھڪ ڏيندي: ڇڏيو بابا اھڙن ڳالھين ۾ ھروڀرو ٿا پنهنجو وقت زيان ڪيو. ڪامريڊ نوجوان: وقت زيان انھن جو ناھي ٿيندو جيڪي ڌرتيءَ سان محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي کائين ٿا اھي وقت سان گڏ ڌرتيءَ ۾ ملي ڌوڙ ٿي ويندا. چڱو مڙس: پئسي کان سواءِ ڪجھ به ناهي. ڪامريڊ نوجوان: ھو ڏس دنيا جي ڏاھن جو درس جيڪو اڄ به سج جيان روشن آهي، ھو ڏس مظلوم مخلوق جو درد جيڪو ڪيترن ئي ڏيک جي رشتن کان عظيم آھي، سرمائي سان محبتون نه ٿيون خريد ڪري سگھجن، ھا جيڪڏهن وقتي طرح خريد ڪيون وڃن تڏهن به سک خريد ڪرڻ ناممڪن آهي. آخري ڳالهه اها ته موت اڻٽر آهي، ڪنڌ اونچو ڪري موت کي گلي لائجي نه ڪي جھڪائي.

مير مظهر علي/ڀٽ ڀائٽي

سياسي حددخليون

۽ سياسي پوليس!‎‎

اسان وٽ عدالت سڳوري جي حڪم تي هميشه سياسي پارٽين پنهنجا مفاد حاصل ڪيا آهن، ايئن ئي ڪجهه مهينا اڳ عدالت حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جيڪو يقينن ھڪ بھترين حڪم هو پر سنڌ سرڪار سميت پوري ملڪ ۾ حددخليون انهن ماڻهن جون ڊاهڻ شروع ڪيون وين جيڪي غريب، مسڪين ۽ بي يارومددگار هئا، باقي امير ۽ سياسي ماڻهن جي ويجهن ماڻهن جون حددخليون به نه هٽايون ويون. جڏهن ته غريب ماڻهن حددخليون هٽائڻ وقت اهو چئي مزاحمت ڪئي ته پهرين انھن سيٺن ۽ وڏن ماڻهن جون حددخليون هٽايو پوءِ اسان جون حددخليون هٽائڻ جو عمل شروع ڪيو، ايئن سومر جي ڏينهن عمرڪوٽ شهر ۾ حددخليون هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو ته شهرين اهو چئي مداخلت ڪئي ته پهرين مين روڊ تي جيڪي سياسي ماڻهن جون حددخليون آهن انهن کي هٽايو پوءِ گھٽين جون هٽايو پر پوليس انهن غريب دڪاندارن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ دڪان ڊاهڻ شروع ڪيا ۽ بي سهارا دڪاندارن کي دهشتگردن جيان جهلي مارڪٽ پڻ ڪئي ۽ انهن بيڏوهي دڪاندارن کي توهين عدالت جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جيڪو انتهائي ڪريل عمل آهي، جنهن جي هر عام ماڻهو مذمت ڪري ٿو. جيڪڏهن انتظاميا واقعي حددخليون هٺائڻ چاهي ٿي ته هر هڪ کي هڪ اک سان ڏسي باقي سياسي آشيرواد کان ته شهرين ۽ انتظاميا ۾ نفرتون جنم وٺنديون، ان ڪري عدالت سڳوريءَ کي گهرجي ته اهڙو حڪمنامو جاري نه ڪري جنهن سان رڳو سياسي ماڻهو فائدو وٺن ۽ عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي سورن ۾ آهي ان کي وڌيڪ سورن کان بچائي .

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

اچي ويو اٿئي شينهن!

(حصو پهريون)

ننڍو ڀاءُ اسد ڪپڙا، جتيون، پرفيوم، کاڌو وغيره ۽ ٻيو ضروري سامان ڏيڻ آيو ته خبر پئي ته سڀاڻي عيدالضحيٰ آهي، اسد چيو ته عيد واري ڏينهن به گھڻي سنگت تياري ۾ آهي، وفا ڇلگري، فياض ڇلگري، نويد ڇلگري ۽ ها پاڻ وارو محمد حسن عرف چاچو شينهن ڇلگري به، آئون سوچڻ لڳس ته سڀ اچن پر الله ڪري ته چاچو شينهن نه اچي، ڇو جو هو هر ڳالهه منهن تي ئي چيو ڏئي ۽ سچ ته هونئن به وڏو ڏوهاري آهي، جيڪو هن سان گڏوگڏ منهنجا به لاهه ڪڍرائيندو آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ چاچو شينهن ٽنڊي آدم واري پڙيءَ مان هڪ ٻڪر خريد ڪرڻ ويو هو پر ٻڪر جي رسي ڪٽڻ جي اگھه تي ناراض ٿي ٻڪر واپس ڪري آيو، هُن ٽنڊي آدم جي مشهور سجي به نه کاڌي، بس مون واري يار عيسيٰ ڪاتيار صاحب سان گڏ ڪنهن هوٽل تي هُن سان چانهه پيتي ۽ گھر اچي مائي کِتوءَ جي ست سُري به ٻڌي، اڄ هر ڪنهن جي ملاقات پئي آئي ڇو جو صبح جو عيد جو ڀلارو ڏينهن آهي ۽ اسان قيدين تي اسان جا پيارا قل پڙهڻ تي آيا، شامل جو خادم شهاڻي چيو ته رب ڪري ته عيد جا هي ڏينهن جلدي گذري وڃن ۽ ڪورٽن ۾ ڪم شروع ٿئي. اسان جڏهن آزاد هوندا هئاسين ته عيد جي ڀلاري ڏينهن جو بي صبريءَ سان انتظار ڪندا هئاسين پر هاڻ اهو ڏينهن جلدي گذرڻ جون دعائون ويٺا گھرون ڇو جو سزا جا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن ۽ ڪن قيدين کي وري ڪورٽن مان انصاف جون به اُميدون آهن. رات جو سرچ آپريشن ٿيو جنهن جون اسان وڊيوز به ٺاهيا، بستر سڌا ڪندي ۽ سامان پنهنجي جاءِ تي رکندي گھڻي دير ٿي وئي، ان لاءِ آئون صبح جو عيد نماز به وقت تي ادا ڪري نه سگھيس. 10:00 وڳي قاري محمد علي لنڊاڻ مون کي ننڊ مان پٽي اٿاريو، منهنجي هنڌ تي پيل خط جيڪي مون قيدي سڪندر علي جمالي جيڪو نوابشاهه جيل ۾ قيد آهي ۽ آزاد دوست شبير احمد ڪوري صاحب جيڪو خليفو قاسم(بدين) جو آهي لاءِ رات لکيا هئا، کڻي منشي کي ڏنا ته جيئن هو وقت سان منهنجو مبارڪون ڀائرن ڏي پوسٽ ڪرائي ڇڏي. آئون شبير احمد ڪوري ۽ سڪندر علي جمالي لاءِ دعاگو آهيان ته هو جتي به هجن پنهنجي عيد جا ڏينهن بهتر نموني گذارين. ڪپڙا وغيره ۽ مٺائي اڃا مس ناشطو ٿي شروع ڪيم ته نعمان قائم خاني اچي ٻڌايو ته منهنجي ملاقات آهي، آئون ناشتو اتي ڇڏي نعمان سان گڏ ملاقات روم ڏي روانو ٿي ويس.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

مظلوم قيديءَ جي زندان مان وس وارن کي اپيل!

روز جي معمول موجب اڄ آئون پنهنجي قيدي ڀائرن سان گڏ اين جي اوز طرفان مقرر ٿيل سينٽر ڏانهن پڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هئس ته رستي ۾ مون کي سينٽرل جيل جي اڇي چڪر بئرڪ نمبر 12 جو هڪ جھونو پڪو قيدي چاچو ابراهيم ولد راول ڪنڊرا مليو، جنهن کي سينٽرل جيل حيدرآباد جي هن زندان ۾ 12 سال گذري چڪا آهن ۽ مٿس ديعت لڳل آهي، جنهن جي مٿان ديعت جي رقم ٽي سيڪڙو آهي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ هو وڌيڪ 6 مهينا جيل ڪاٽيندو، ان دوران جھوني چاچي ابراهيم پنهنجي درد ڪهاڻي بيان ڪندي چيو ته آئون هڪ غريب ۽ مسڪين قيدي آهيان ۽ پنهنجي گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد هئس، جيل کان ٻاهر آئون هڪ هوٽل تي محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو هئس، پر سجاول ٿاڻي جي پوليس هڪ قتل ڪيس ۾ بيگناهه مون کي ڦاسائي ڪوڙن شاهدن عيوض سزا سان گڏ ديعت هڻائي سينٽرل جيل حيدرآباد اماڻيو آهي ۽ پويان منهنجا مائٽ انتهائي غريب هئڻ ڪري منهنجي جيل جي ملاقات تي نٿا اچي سگھن، جيل ۾ ملاقات نه اچڻ ڪري تمام گھڻي اذيت واري زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ منهنجي جيل اچڻ کان پوءِ منهنجي ٻارن جي تعليم به متاثر ٿي وئي آهي، جن ٻارن کي پڙهائي آفيسر ڪرڻ جي خواهش هئي. چاچي ابراهيم ڪنڊرا چونڊيل نمائندن، اين جي اوز ۽ انساني حقن وارين تنظيمن سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪجھه معافي مون کي جيل انتظاميا طرفان ملي آهي، باقي ديعت ۾ منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن مون کي جيل مان آزادي ملي سگھي، ان کان سواءِ منهنجي سمورن اعليٰ عهديدارن، سنڌ جي وڏي وزير سائين مراد علي شاهه ۽ گھرو وزير کان مطالبو آهي ته سنڌ جي مختلف جيلن ۾ ديعت ۽ قصاص جا ٻيا به کوڙ قيدي سالن کان ويٺل آهن انهن جي قانون موجب خدارا مدد ڪئي وڃي جيئن اهي جيل مان آزاد ٿي هڪ ڪارائتو شهري بڻجڻ سان گڏ پنهنجي خاندان سان سٺي زندگي گذاري سگھن.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد