پنهنجي سائنس ٽائيم ٽريول ڇا آهي؟

0
299

الفت حسين پتافي

 

آئنسٽائن جي اسپيشل ۽ جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي۾  ٻه شيون اهڙيون آهن جيڪي ٽائيم جي گذرڻ کي سلو slow ڪنديون آهن، انهن مان هڪ آهي اسپيڊ ۽ ٻي آهي گريوٽي. اسپيڊ ۽ گريوٽي جي ڪري ٻن مختلف ماڻهن لاءِ ٽائيم مختلف طريقن سان گذرندو آهي، ان کي ٽائيم ٽريول چئبو آهي. ان ڪانسيپٽ کي سمجهڻ لاءِ اوهان هڪ مثال سمجهو:

گولاڙچي ۾ رهندڙ ٻن پندرنهن سالن جي جاڙن ڀائرن مان جيڪڏھن هڪ ڀاءُ کي  هڪ اهڙي خلائي جهاز تي روانو ڪجي جيڪو تقريبن روشني جي رفتار سان سفر ٿو ڪري ۽ ان کي پنجن سالن لاءِ خلا ۾ موڪليو ٿو وڃي. روشني جي رفتار سان سفر ڪرڻ جي ڪري ٻنهي ڀائرن لاءِ ٽائيم مختلف طريقي سان گذرندو.

پنجن سالن کان پوءِ جڏهن خلائي جهاز وارو ڀاءُ واپس ايندو ته ان جي عمر 20 سال هوندي ۽ گولاڙچي ۾ رهجي ويل ڀاءُ جي عمر 65 سال هوندي، ٻين لفظن ۾ خلائي جهاز ۾ اسپيڊ جي ڪري وقت سلو گذرندو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٻنهي ڀائرن مان هڪ ڀاءُ پنجاھ سال مستقبل ۾ ٽائيم ٽريول ڪيو آهي.

فزڪس جي هن حقيقت کي Lorentz time dilation چئبو آهي ۽ ان جو سولو فارمولو آهي جيڪو ڏهين ڪلاس جي آلجبرا جي مدد سان به سمجهي سگهجي ٿو.

ٻيو طريقو جنهن سان ٽائيم ٽريول ڪري سگهجي ٿو اهو آهي گريوٽي وارو طريقو. آئنسٽائين جي جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي مطابق ڪائنات ۾ ستارا، بليڪ هول ايتري قدر جو سيارا به ٽائيم جي وهڪري کي سلو ڪندا آهن، مثال طور اوهان جي ڪنهن بليڪ هول جي ڀرسان رهو ٿا پيا اوهان لاءِ ٽائيم بليڪ هول جي بي پناهه گريوٽي جي ڪري بلڪل سلو ٿي ويندو. بليڪ هول جي ڀرسان گذاريل ڪجهه ڪلاڪ زمين تي گذرندڙ ڪيترائي سالن جي برابر هوندو.

ان سڄي حوال جي ڪهڙي ثابتي آهي:

اوهان سڀني کي خبر هوندي ته ترقي يافته ملڪن ڪيترائي هٿرادو گرهه يا satellite خلا ۾ ڇڏيا آهن جيڪي مختلف مقصدن لاءِ هوندا آهن، جئين انٽرنيٽ، ٽي وي نشريات، موسمي خبرون يا جاسوسي وغيره لاءِ. انهن satellites تي جيڪي ٽائيم ماپڻ جا اوزار هوندا آهن اهي زمين جي گريوٽي کان پري هجڻ ڪري مختلف نموني ٽائيم پڙهندا آهن، ان ڪري انجنيئرز خاص techniques جي ذريعي satellites ۽ زمين تي ماپيل ٽائيم برابر ڪندا آهن. GPS ته اوهان جي موبائل ۾ به هوندو، سمجهو ته GPS ثابتي آهي آئنسٽائين جي ٿيوري جي.

اسپيشل ۽ جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي ميٿيمٽڪس جي ذريعي مڪمل ۽ جامع طرح بيان ٿيل آهن ۽ سئو سال گذرڻ کان پوءِ به ڪو ان ٿيوري کي چيلينج نه آهي ڪري سگهيو.

باقي احوال بعد ۾ ٿيندا ته روشني جي ئي رفتار سان سفر ڪرڻ سان وقت بلڪل ڇو بيهجي ويندو آهي، روشني جيڪا فوٽانز تي مشتمل هوندي آهي، فوٽان جي عمر زيرو ڇو هوندي آهي، مطلب فوٽان لاءِ وقت سمجهو ته رڪجي ويندو آهي، وغيره وغيره.

(فيس بوڪ وال تان ورتل)