اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ اقليتي برادري ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، سيموئيل پيارا نالي شخص سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊن سان مسيحي برادري جا حق به جڙيل آهن، صدر پاران ڏنل چونڊ تاريخ کي تبديل ڪيو وڃي، 9 اپريل تي مسيحي برادري جو ايسٽر ڊي آهي، مسيحي برادري ان ڏينهن ۾ مصروف هوندي، درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته 7 اپريل تي گڊ فرائيڊي جو ڏينهن به مقدس آهي، ان ڪري عام چونڊون انهن تاريخن تي نه ڪرايون وڃن.