راجن پور (م ڊ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 راجن پور ۾ ضمني چونڊ، تحريڪ انصاف اميدوار کي واضح برتري، نواز ليگ ٻئي نمبر تي آهي، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 تي ڪالهه ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين پولنگ ٿي، جيڪا بنا وقفي جي جاري رهي، هڪ پولنگ اسٽيشن تي هنگامي سبب پولنگ ٿوري دير لاءِ روڪي وئي، جنهن بعد اتي اضافي وووٽ پيا، راجنپور ۾ قومي اسيمبلي جو تڪ پي ٽي آءِ ايم اين اي سردار جعفر لغاري جي وفات سبب خالي ٿيو هو، تڪ جي 237 پولنگ اسٽيشنز جو غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجو سامهون اچي ويو آهي، جنهن موجب تحريڪ انصاف جي محسن لغاري کي 90 هزار 392 ووٽ کڻي سرسي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته نواز ليگ جو عمار اويس لغاري 55 هزار 218 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي، پيپلزپارٽي جو اختر حسين 19 هزار 450 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي آيو. پولنگ دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا، 2500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏنا.