پنجاب پوليس پرويز الاهي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

0
77

لاهور پوليس ۽ اينٽي ڪرپشن پنجاب 8 ڪلاڪن جي آپريشن دوران اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن

صبح 5 وڳي اينٽي ڪرپشن ٽيم ۽ پوليس جا اٽالا آپريشن ختم ڪري واپس روانا ٿي ويا آهن

رات دير سان پوليس ۽ اينٽي ڪرپشن ٽيم جا اهلڪار بڪتربند گاڏيءَ ذريعي دروازو ٽوڙي پرويز الاهي جي گهر ۾ داخل ٿيا، جڏهن ته  عورت ملازمن سميت 28 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا

تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي پٽ راسخ الاهي گهر تي چڙهائي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواست ۾ پنجاب حڪومت، اينٽي ڪرپشن ۽ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ پرويز الاهي جي 6 مئي تائين ضمانت منظور ڪئي هئي، ان ڪري گهر تي ڇاپو غير قانوني ۽ توهين عدالت آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف درخواست ۾ پرويز  الاهي جي گرفتاري روڪڻ جي استدعا ڪئي آهي