ماٿيلي ۾ نينگري سان گينگ ريپ: آواز اُٿارڻ تي ماءُ مرڻينگ

0
385

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو جي بينظير ڪالوني واسڻ نينگري مبينا اغوا بعد ريلوي پٽڙي تان بيهوشي حالت ۾ هٿ آئي آهي، وارثن الزام هنيو آهي ته رات دير سان 3 هٿياربند نينگري کي اغوا ڪري ويا، جن سندس لڄ لُٽڻ بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪيو

نينگري جي والد جي فرياد تي ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي،جنهن ۾  سليم، عمران گبول ۽  ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي

پوليس موجب نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال موڪليو آهي،جاچ ڪئي پئي وڃي

الزام هيٺ آيل ڌر جي متاثر نينگري جي امڙ تي تشدد واري وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي

مبينا اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻيل نينگري جي امڙ رضيه ملڪ تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو، جنهن  کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

زخمي عورت الزام هنيو ته ڌيءَ سان زيادتي جي دانهن ڏيڻ تي بااثرن گهر ۾ گهڙي تشدد جو نشانو بڻايو، رضيه ملڪ موجب ٽن جوابدارن رات نياڻي کي اغوا ڪرڻ بعد اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، انصاف ڪيو وڃي

پوليس جو چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي