پشاور واقعو، سهولتڪارن تائين پهچڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن: وزيراعظم

0
231
پشاور واقعو، سهولتڪارن تائين پهچڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن: وزيراعظم
پشاور واقعو، سهولتڪارن تائين پهچڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن: وزيراعظم

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پشاور واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واقعي جي سهولتڪارن تائين پهچڻ لاءِ سمورا رياستي وسيلا ڪتب آندا وڃن

ذريعن موجب سڪيورٽي اهلڪارن وزيراعظم کي پشاور واقعي بابت بريفنگ ڏني ۽ کيس واقعي جي شروعاتي جاچ ۽ حساس معلومات کان به آگاهه ڪيو، گهرو وزير شيخ رشيد به وزيراعظم کي واقعي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو

وزيراعظم عمران خان کي پشاور ڌماڪي جي ابتدائي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي وزيراعظم چيو ته واقعي ۾ ملوث سهولتڪارن تائين پهچڻ لاءِ سمورا رياستي وسيلا ڪتب آندا وڃن

 

ھي به پڙھندا

ڪراچي: ڪار ، موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪري ڪيئن هنيو؟  سي سي ٽي وي فٽيجز