پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو … رحمت الله ماڃوٺي

0
36
پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو ... رحمت الله ماڃوٺي

هندو صوفي گهر جي نياڻي، ڪربلا جي معصوم اصغر عليه السلام جي اڃ جي ياد ۾ ٿڌو شربت ورهائيندڙ معصوم پريا، جيڪا وقت جي يزيدي لشڪر جي سپاهين باندي بڻائي مائٽن جي سپنن جي خيمن کي باھ ڏئي، نه ڄاڻ ڪهڙي شام، تازيانه هڻندا کڻي ويا،

استاد سرويچ چواڻي؛ اسان جا حاڪم اکين کان انڌا ، ڪنن کان ٻوڙا، زبان جا کوٽا، چئون سچ تان، لڳينِ مچ ٿو، وڙهي پون ٿا ڪڍي اکوٽا…

بدقسمتي ڏسو. هي اليڪشنون ٿيون. سڄي ملڪ ۾ اميدوارن ڪوڙا سچا وعدا ڪيا. عظيم قديم سونهاري سنڌ جي واڳ وٺڻ لاءِ هزارين سچا ڪوڙا وعدا ٿيا پر پريا مظلوم، ڪنهن به اميدوار جي تقرير جو نقطو بڻجي نه سگهي. سڄي سنڌ ته پري رهي جنهن تڪ ۾ ھي نياڻي جن جي لاءِ سبيل پئي ورهائي، انهن جو اولاد هئڻ جا دعويدار، هن تڪ مان اميدوار بڻيا. ممڪن ئي ناهي ته کين خبر نه هجي ته پريا ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي. سندن ڪنهن تقرير، ڪنهن وعدي ۾ به پريا نه هئي،

مونکي هنن ظالم چونڊجي آيل توڙي هارائي ويل نام نهاد وڏن ماڻهن مان حق، سچ، انصاف جي ڪا اميد ناهي. سندن اڳيان مطالبو رکڻ، اُٺن اڳيان اگربتيون ٻارڻ برابر آهي. آئون چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير صاحب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جناب نديم انجم صاحب ، پنو عاقل فوجي ڇانوڻي جي  عملدار (معذرت ٿو ڪريان جو مونکي توهان جي نالي ۽ عهدي جي خبر ناهي) توهان سڀني کي هٿ ٻڌي، الله ۽ رسول جا واسطا ٿو ڏيان ته هن ٻارڙي کي ورائي سندس ماءُ جي هنج ۾ وجهو. مونکي هنن ڪرپٽ، ڪرمنل بدڪردار سياسي اڳواڻن مان ڪا اميد ناهي، خاص ڪري ٻڏي مرڻ ته تر جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي. بقول استاد سرويچ جي ؛

هن ظالم کي ڪا لڄ نه پئي لوئيارين جي لوئين جي

هن جابر وڪڻي جوء ڇڏي ير جهانگيڙن جي جوئين جي

شل لاک لهي تنهن لوڀيء جي، جنهن لاک لڄائي لوئين جي

هي پاپي وڃائي پت ويٺو، اڳين توڙي پوين جي …….😢

جن جن کي اپيل ڪئي آهي خدارا! منهنجي گذارش ڪو انهن تائين پهچائي

جناب سيد عاصم منير صاحب

جناب ڊي جي آءِ ايس آءِ

جناب ڊي جي ايم آءِ

جناب ڪور ڪمانڊر سنڌ

جناب انچارج پنو عاقل ڪينٽومينٽ

توهان کي الله رسول صه جو واسطو آهي…….. (فيس بوڪ تان ورتل)