اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف موجوده پروگرام جي آخري قسط وٺڻ جو مشن، حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڪالهه به ڪجهه شرطن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري ڳالهيون مڪمل نه ٿي سگهيون، هڪ ڏينهن واڌ ڪئي وئي، حڪومتي معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف ٽيم ۾ اڄ به ڳالهيون ٿينديون، نئين قرض پروگرام جا شرط طئي ڪيا ويندا. ليٽر آف انٽينٽ تي ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٻئي اقتصادي جائزاتي ڳالهين جي ڪري اسٽاف سطح تي معاهدو طئي ناهي ٿي سگهيو پر ڪجهه اهم نقطا طئي ٿي ويا آهن، جن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جنهن بعد ميمورنڊم آف اڪنامڪ اينڊ فنانشل پاليسيز جو مسودو تيار ڪيو ويندو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ پروگرام تحت هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي آخري قسط لاءِ ڳالهين ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي، ٻه قسطن جي مد ۾ هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالر ملي چڪا آهن. اسٽينڊ باءِ اريجنمينٽ معاهدو جون 2023ع ۾ ٿيو هو جنهن جو مدو 12 اپريل 2024ع تي ختم ٿي ويندو، ان معاهدي جي آخري قسط لاءِ اڄ مختصر ڳالهيون ٿينديون،  ڳالهين جي شروعات 14 مارچ کان ٿي هئي جنهن جي شيڊول موجب ڪالهه 18 مارچ تي ڳالهيون مڪمل ٿيڻيون هيون، ميمورنڊم آف اڪنامڪ اينڊ فنانشل پاليسيز ۽ ليٽر آف انٽينٽ جي مسودي تي مشاورت لاءِ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي، اڄ معاملا طئي ٿيڻ جو امڪان آهي. ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي، معاهدو منظوري لاءِ آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جو اپريل ۾ امڪان آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف کي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن تحت سمورين هائوسنگ سوسائٽيز جي رجسٽريشن ڪئي ويندي، نان فائلرز لاءِ پراپرٽي خريد ۽ وڪري تي ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف رقم جي ڏيتي ليتي روڪ بدران بينڪ ذريعي ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.