ڀان سيدآباد: يونين ڪائونسل واهڙ جي ڳوٺ گلشير مهر جي رهواسڻ پرائمري ٽيچر نورين فاطمه مهر  جي مبينا قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو، نورين فاطمه مهر کي 15 مئي جي شام جو 6 وڳي ڌاري گهر اندر مبينا طور تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، وارثن لاش اسپتال آندو جتي پوليس کي ناريءَ جي پوسٽ مارٽم کان زبردستي روڪيو ويو پر پوليس وارثن سان منهن ماري بعد نيٺ ناريءَ نورين فاطمه جي لاش جو سيوهڻ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو.