ڪوٽڙي/ ڀان سيد آباد (رپورٽ: شوڪت ميمڻ/ آصف ميمڻ) ڀان سيدآباد ڀرسان ڳوٺ گلشير مهر جي ٽيچر نورين فاطمه کي مائٽن پاران تشدد بعد گوليون هڻي مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نورين فاطمه جي دعويدار مڙس منصور سومرو جو چوڻ هو ته نورين سان يونيورسٽي ۾ 2015 ۾ ملاقات ٿي، ساڻس ٿيل پهرئين ڏينهن کان وٺي هيل تائين جي  چيٽ مون وٽ محفوظ آهي، 2021 ۾ ساڻس عدالت ۾ نڪاح ڪيو، جنهن جا سمورا دستاويز ۽ شاهد موجود آهن، منصور موجب نورين جي شادي ٻئي هنڌ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن مائٽن کي ٻڌايو ته سندس اڳ ئي شادي ٿيل آهي، بعد ۾ کيس خلع وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، انڪار تي مٿس تشدد بعد کيس گولي هڻي ماريو ويو.هن چيو ته مان پنهنجي زال نورين جي قتل جو ڪيس وڙهندس، پوءِ ڀلي حياتي ڇو نه هلي وڃي؟. نورين جو مڙس آهيان ان ڪري منهنجي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو وڃي،منصور سومرو واپڊا ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي، جنهن ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس ۾ روئيندي ٻڌايو ته منهنجي زال صوفياڻي سوچ رکندڙ هئي ۽ غريب ٻارن کي مفت ۾ ٽيوشن پڙهائيندي هئي، قرآن جي حافظ ۽ نعت خوان هئي هن پنهنجي والدين جي عزت خاطر پنهنجي رخصتي سندس والدين کي راضي ڪري پوءِ ڪرائڻ چاهي.  ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي ساڻس ملاقات ڪري سندس شادي جا سمورا دستاويز ڏسي ساڻس انصاف ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته اي ايس پي سيوهڻ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو اٿم جيڪو منصور  سميت نورين جي والدين جا بيان وٺڻ بعد رپورٽ پيش ڪندو جنهن جي آڌار تي ڪيا داخل ڪري جاچ جو سلسلو وڌايو ويندو. ايس ايس پي عمران قريشي موجب موجب معاملو خودڪشي گهٽ ۽ قتل وڌيڪ لڳي رهيو آهي ان ڪري هر پاسي کان جاچ ڪنداسين.

ڀان سيد آباد: علائقي ۾ چوٻول آهن نورين فاطمه کي پسند جي شادي ڪرڻ جي الزام هيٺ گهر اندر گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. ناريءَ جي وارثن کي ايس ايس پي آفيس ڄامشورو ۾ طلب ڪري سندن بيان رڪارڊ ڪيا ويا.  آهن، جنهن ۾ ناريءَ جي وارثن پوليس اڳيان بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته نورين فاطمه گهرو پريشانين سبب پريشان هئي جنهن مجبور ٿي پنهنجو پاڻ کي گوليون هڻي آپگهات ڪيو، قتل جون ڳالهيون غلط آهن