پاڪستان ۾ ڪورونا جا 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن تي به وار، صورتحال خطرناڪ آهي: پي ايم اي

0
449
پاڪستان ۾ ڪورونا جا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار به ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته ايندڙ 2 کان 3 هفتا ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا

صحت واري وفاقي وزارت موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 39 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي

ڊاڪٽرن جي تنظيم پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن (پي ايم اي) به ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي وڌندڙ انگن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هي انگ رڳو رجسٽرڊ ڪورونا جو آهي، غير رجسٽرڊ ڪيسن جو انگ تمام گهڻو آهي

ڊاڪٽرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اومي ڪرون پنهنجو روپ تبديل ڪري وڌيڪ خطرناڪ بڻجي سگهي ٿو، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي سياسي جلسن، ڌرڻن ۽ گڏجاڻين تي پابندي لڳائي

پي ايم اي ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ سزا ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب 17 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ 53 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 9.45 سيڪڙو يعني 5,034 ڪيزس مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 ڄڻا فوت پڻ ٿيا آهن