شادي لارج: ٻه اسڪولي شاگرد پر اسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

0
136
شادي لارج: ٻه اسڪولي

شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج جي آرائين محلي مان رات جي وقت ٻه اسڪولي شاگرد پر اسرار نموني گم ٿي ويا، جن جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي کوسڪي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي

گورنمنٽ هاءِ اسڪول شادي لارج جا شاگرد اٺن سالن جو ثاقب آرائين ۽ ٻارنهن سالن جو عاقب رات اٺين وڳي کان پراسرار نموني گم ٿيڻ تي سندن وارث پريشانين جو شڪار ٿي ويا

بلاول آرائين ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٻارڙا شام جو مدرسي مان موٽي آيا ان کانپوءِ گم ٿي ويا، رشتيدارن ۾ پڇيو آهي پر ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه آهي، لڳي ٿو ته ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويو آهي