پاڪستان کي سريلنڪا کان سيريز کٽڻ گهرجي: عاقب جاويد

0
246
پاڪستان کي سريلنڪا

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي فاسٽ بولر عاقب جاويد چيو آهي ته پاڪستان کي سريلنڪا کان سيريز کٽڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته آسٽريليا سريلنڪا ۾ کيڏي رهي آهي

هن کي اتي هميشه ڏکيائي پيش آئي آهي ڇو ته سريلنڪا جون پچز ۽ ڪنڊيشنز اهڙيون آهن جو اهي هنن لاءِ ئي فائديمند رهنديون آهن. هن چيو ته پاڪستان ٽيم کي سريلنڪا ۾ ڏکيائي نه ٿيندي ڇوته اتي اسان جهڙيون پچز آهن، پاڪستان جا بيٽرز اسپنرن کي سٺو کيڏندا آهن ان لاءِ سيريز پاڪستان کي ئي کٽڻ گهرجي

اڳوڻي فاسٽ بولر چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ اسپن بولنگ جو هڪ گيپ اهڙو آهي جيڪو نظر اچي ٿو، ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کان علاوه مڊل آرڊر بيٽنگ، اسپن بولنگ ۽ آل رائونڊرز جو شعبو اوهان جو مسئلو آهي ٽنهي شعبن تي فوڪس ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي